English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مورو ويجهو ٻن ڏينهن واري مفت ميڊيڪل ۽ اکين جي ڪئمپ لڳائي وئي
154 views
|
25th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
ڪيمپ سماجي شخصيت خالد حسين ٻگھيو پاران سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي تعاون سان لڳائي وئي
مورو (رپورٽر) مورو ويجھو چوٿين ميل وٽ معزز سماجي شخصيت خالد حسين ٻگھيو پاران سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي تعاون سان ٻه روزه مفت ميڊيڪل ۽ اکين جي ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ اکين جي ماھر ڊاڪٽر وسيم رحمان ۽ مختلف بيمارين جي ماھرن ڊاڪٽرن ڊاڪٽر فرقان، ڊاڪٽر غلام مصطفي' ميمڻ ۽ ٻين پاران پسگردائيءَ جي ڳوٺن وسندي واھڻ جي رھواسين مردن عورتن معصوم ٻارڙن تقريبن 2000 ھزار کان مٿي مريضن جو چيڪ اپ ڪيو ۽ مفت ۾ دوائون ڏنيون ويون. ان موقعي تي معزز سماجي شخصيت خالد حسين ٻگھيو چيو تہ اسان بنا ڪنھن ذات پات رنگ ۽ نسل صرف الله پاڪ جي خاطر مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي بي پهچ ماڻھن کي صحت جون سهولتون ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ھن ڪئمپ ۾ ھن علائقي جي ھزارين ماڻھن فائدو حاصل ڪيو آھي جن کي ھر سھولت سان گڏ علاج ۽ دوائون ڏنيون ويون آھن ۽ اھا ڪوشش جاري رھندي ھن چيو تہ ھن علائقي جي عوام لاءِ مون سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ وارن کي زمين پڻ ڏني آھي جيڪي ھتي نياڻين ۽ نوجوانن لاءِ الڳ الڳ ديني تعليم ڏيڻ لاءِ درسگاھ ٺاھيندا ۽ ننگر خانو پڻ قائم ڪيو ويندو جتي ھر غريب مسڪين پورھيت مزدور طبقي سان واسطو رکندڙن کي مفت ۾ کاڌو ڏنو ويندو. ھن چيو ته هن علائقي ۾ گذريل برساتن جي ڪري پيٽ جون بيماريون، چمڙي جون بيماريون، اکين جي تڪليف ۽ هاءِ بلڊ پريشر جهڙيون بيماريون عام ٿينديون ٿيون وڃن جنھن کي منھن ڏيڻ لاء ڪئمپ لڳائي ته جيئن غريب ماڻھن کي رليف ملي سگھي.......
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مورو
مفت ميڊيڪل
0 تبصرے