ضلعي عمرڪوٽ جي سڀني بٺن جي سروي ڪئي ويندي: اي ڊي سي ون جاويد ڏاھري
عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) غير سرڪاري اداري اسپارڪ پاران بٺا مزدورن ، ھارين ، چائيلڊ ليبر جي ٺھيل سرڪاري سطح تي ٺھيل ڊسٽرڪٽ وجيلينس ڪميٽي تي مشتمل سرڪاري عملدارن جو ٻن ڏينھن جو تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ مختلف سرڪاري کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي جنھن ۾ روبينيو ڊپارٽمينٽ ، ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ، سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ، پوليس اهلڪارن ، ليبر ڊپارٽمنٽ ، سنڌ انوائيرنمينٽ پروٽيڪشن اٿارٽي ، ميونسپل ڪميٽي جي عملدارن ، سنڌ انوائيرنمينٽ سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوٽ جي عملدارن ، بار ايسوسيئيشن ، مختلف اين جي اوز جي نمائندن ، بٺن جي مالڪن ۽ بٺا مزدورن يونين جي نمائندن شرڪت ڪئي انھي موقعي تي ڳالهائيندي اي ڊي سي ون جاويد احمد ڏاھري خطاب ڪندي چيو ته اسان ضلعي عمرڪوٽ جي سڀني بٺن جي سروي ڪرڻ وڃون ٿا ته جيئن انھن جي انگن اکرن جي خبر پئجي سگھي ليبر ڊپارٽمنٽ کي گھرجي ته ھو ھفتي ۾ سروي ڪيل بٺن جي رپورٽ جمع ڪرائين ھن تربيتي ورڪشاپ ۾ ٺھيل قانونن تي عمل ڪرائڻ جي سخت ضرورت آھي ضلعي ۾ ٺھيل وجيلينس ڪميٽي کي سرگرم ڪري انھن جي جائز قانوني سهائتا ڪئي ويندي اسپارڪ جي ريجنل مئنيجر ايڊووڪيٽ ڪاشف بجير چيو ته اسان ھنن سڀني کي انساني ۽ سماجي تحفظ بابت تربيت ڏني آھي ھنن کي گھربل قانوني ڄاڻ ذريعي معلومات پڻ ڏني آھي جنھن ۾ بٺا مزدورن جي ٺھيل قانونن جي متعلق تفصيلي معلومات پڻ ڏني آھي اڳيان ھلي اھڙي قسم جا تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيا ويندا ان حوالي سان ھن وڌيڪ چيو ته بانڊيڊ ليبر جي خاتمي تي ٺھيل ڊسٽرڪٽ وجيلينس ڪميٽي ۾ ضلعي ۾ ٿيندڙ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ جي صلاح مشوري سان بٺا مزدورن جي بحالي توڙي انھن جي بُنيادي سھولتن کي پوري ڪرڻ ڪوششون جاري ڪيون وينديون ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر لڇمڻ داس چيو ته ھيلٿ ڊپارٽمينٽ پاران صحت جون مڪمل سھولتون ڏنيون وينديون انھي موقعي تي تعليم کاتي عمرڪوٽ جي اسسٽنٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري بشير احمد کوسي چيو ته بٺن تي ڪم ڪندڙ ٻارن جي سروي ڪرڻ جي اشد ضرورت آھي بٺن تي تعليم جا مختلف جيڪي سينٽر کليل آھن ان ڪم کي مستقل بنيادن تي ھلائڻ جي ضرورت آھي ليبر کاتي جي ضلعي جي ليبر آفيسر گلزار احمد چيو ته ليبر قانون موجب مزدورن کي قانون موجب اجرت ڏيڻ جي ضرورت آھي جيڪڏھن ڪنھن بہ بٺي مالڪ قانون تي عمل نه ڪيو ته انھن بٺن کي سيل ڪيو ويندو بٺا مالڪن کي گھرجي ته ماحولياتي آلودگي کان بچاءُ لاءِ بٺن کي زگ زيگ واري فارمولي تحت ڪم ڪرڻ گھرجي ته جيئن آس پاس جو ماحول بھتر ٿي سگھي ھن چيو ته جلد ئي ٻيھر سڀني سرن جي بٺن کي رجسٽر پڻ ڪيو ويندو انھي موقعي تي بار ايسوسيئيشن ، ميڊيا جي نمائيندن ، اين جي اوز جي نمائندن ۽ ٻين سرڪاري عملدارن پنھنجا ويچار پڻ ڏنا آخر ۾ اسٽيڪ هولڊر جي چونڊ ڪئي وئي جنھن ۾ مختلف سرڪاري عملدارن پنھنجا پنھنجا ايڪشن پلان ٺاھي ڏنا جيڪي اڳتي هلي ادارن سان بٺا مزدورن جي بحالي لاءِ انھن ڪمن جو فالو اپ ڪيو ويندو
0 تبصرے