English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي ۾ ذوالفقار هاليپوٽو پاران سينيئر صحافي ذوالفقار راڄپر جي مان ۾ آجياڻو
51 views
|
11th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
ڪرشن شرما، يونس مهر، اسحاق سومرو، جاويد مهر، وحيد راڄپر، صحبت ٻرڙو، قاضي اعجاز شريڪ ٿيا
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سول سوسائٽي جي اڳواڻ، ليکڪ ۽ ڪالم نويس ذوالفقار هاليپوٽو پاران سينئر ۽ جاکوڙي صحافي، ليکڪ ۽ ڪالم نگار ذوالفقار راڄپر جي مان ۾ڪلفٽن ۾پنهنجي رهائش گاهه تي مانجھاندي جو اھتمام ڪيو ويو، جنهن ۾سينئر صحافين ۽ ليکڪن ڪرشن شرما، صحبت ٻرڙو، يونس مهر، اسحاق سومرو، جاويد مهر، وحيد راڄپر، قاضي اعجاز، ذوالفقار نوناري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ذوالفقار هاليپوٽو ڳالهائيندي چيو ته ذوالفقار راڄپر جي طبعيت خراب رهي ٿي، هن جون صحافت، سياست ۽ سماجي ڪمن ۾ اهم ڪردار رهيو آهي، ھن جون نھ رڳو صحافتي شعبي ۾ اڻ ڳڻيون خدمتون آھن، پر ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ پريس جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ سرگرم رھندي پوليس تشدد ٿيو، ۽ زندگي جو ڪچ عرصو ٿاڻن ۽ جيلن ۾گذاريو آهي. هن چيو ته ذوالفقار راڄپر جھڙن جاکوڙي ڪردارن کي سندن ئي زندگين ۾مڃتا ڏيڻ گھرجي نھ ڪي ڪنهن تعزيتي اجلاس جو انتظار ڪرڻ گھرجي. مانجهاندي ۾ميزبان ذوالفققار ھاليپوٽو سميت ٻين شريڪ دوستن ذوالفقار راڄپر کي لونگي ۽ اجرڪ اوڍائي گلن جو دستو پيش ڪيو.آخر ۾ ذوالفقار راڄپر ميزبان دوست ذوالفقار هاليپوٽي سميت مانجهاندي ۾ شريڪ ٿيل سمورن دوستن جو ٿورو ادا ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
غربت ۽ بيروزگاري، جنھن سان زندگي زھر بڻجي ٿِي!
22nd Dec 2025
•
دنیا
مکہ مکرمہ میں منشیات اسمگلنگ، دو پاکستانی شہریوں کو سزائے موت دے دی گئی
22nd Dec 2025
•
پاکستان
پی آئی اے کی نجکاری کا اہم مرحلہ، 75 فیصد شیئرز کی بولی کل ہوگی
22nd Dec 2025
•
تازہ ترین
بنگلادیش میں جماعتِ اسلامی کی کامیابی کے لیے دعا گو ہیں: خواجہ سعد رفیق
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ملز سيڪيورٽي عملدارن هٿان مارجي ويل نوجوان ٻئي عملدارن خلاف داخل ڪيس جي ڪاپي
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ ايس ايڇ او افتخار باجوا جي معطلي بعد محمد حسين جٽ ايس ايڇ او مقرر
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو، مڪلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊمپر ۽ ٽرڪ حادثن ۾ اضافو
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ابراهيم حيدري ٽائون آفيس ڀرسان رزاق آباد جو غريب آباد پارڙو مسئلن جي ور چڙهيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
ذوالفقار هاليپوٽو
ذوالفقار راڄپر
سول سوسائٽي
0 تبصرے