جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير الطاف ملاح سنڌ ملاح اتحاد جي اڳواڻ محمد خان ملاح سان والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي
ٺٽو (شفيق ڀٽي) جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير الطاف احمد ملاح ٺٽي ۾ سنڌ ملاح اتحاد جي اڳواڻ محمد خان ملاح سان سندس والد هوت خان ملاح جي وفات تي تعزيت ڪئي ۽ ڏک ونڊيو بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 7 آگسٽ تي سنڌ سميت سڄي ملڪ جو عوام پنهنجي موٽر سائيڪلن، رڪشائن، گاڏين ۽ ٽريڪٽر ٽرالين سميت روڊن تي نڪري حڪمرانن جي عوام دشمن پاليسين، وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري، بجلي جي ڳرن بلن ۽ معاشي بدحالي خلاف جماعت اسلامي جي احتجاجي ڌرڻن ۾ ڀرپور شرڪت ڪري، ڇو ته هي ڪنهن هڪ جماعت جو نه پر 25 ڪروڙ پاڪستانين جي حقن جو مسئلو آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي ورهاست جي حامي ناهي ۽ سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ آئيني حقن تي مڪمل يقين رکي ٿي. جماعت اسلامي هميشه سنڌ جي عوام جي جائز حقن، پاڻي، روزگار ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ لاءِ آواز اٿاريو آهي ۽ مستقبل ۾ به اٿاريندي رهندي. الطاف احمد ملاح چيو ته ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن گذريل ڪجهه عرصي دوران ضلعي ٺٽي ۾ پوليس جي مبينا ماورائي قانون ڪاررواين تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته هر شهري کي آئين ۽ قانون موجب انصاف ملڻ گهرجي ۽ ڪنهن سان به قانون کان هٽي ڪري ورتاءُ نه ٿيڻ گهرجي. هن مطالبو ڪيو ته اهڙن واقعن جي شفاف جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. ان موقعي تي جماعت اسلامي ضلعي ٺٽي جو جنرل سيڪريٽري عبدالله آدم گندرو ۽ محبوب علي ٺينگو پڻ ساڻس گڏ موجود هئا.
0 تبصرے