English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهرو فيروز جي عوام پاران به ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم ۽ نوان ڪئنال ٺاهڻ وارا منصوبا رد
47 views
|
19th Sep 2024
•
سنڌي خبرون
ارسا قانون ۾ ترميم ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، سنڌو درياهه تي 6 ڪينال ٺاهي سنڌ کي سُڪائڻ جي سازش ڪامياب نه ٿيندي: اڳواڻ
نوشهرو فيروز (ڊ ر)ارسا ۾ ترميم، سنڌو درياهه تي 6 ڪينال ٺاهڻ خلاف نوشهرو فيروز ۾ مختلف مختلف سياسي سماجي پارٽين جو پريس ڪلب نوشهرو فيروز آڏو احتجاج ڪيو ويو احتجاج جي اڳواڻي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي اڳواڻ خادم سيال، آصف حسيني، جنيد، فرمان نول، جيئي سنڌ قومي محاذ جو اياز راڄپر، اسد عمراڻي، رحمان تڳر، اين پي پي اڳواڻ معشوق ڪورائي، عمران جتوتي، خوشي محمد مغل، جسقم (ص) جو صوفي خالد چنه، جيئي سنڌ محاذ جو گدا حسين ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ارسا قانون ۾ ترميم ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي جڏهن ته سنڌو درياهه تي 6 ڪينال نه ٺهڻ گهرجن ڇو ته 6 ڪينال ٺهڻ سان سنڌ جي تقريبن 48 کان 50 لک ايڪڙ غير آباد ٿي ويندا، جنهن جو مطلب لڳ ڀڳ اڌ سنڌ تباھ ٿي ويندي، ۽ ڪراچي ۾ پيئڻ لاء پاڻي نه ملندو پيئڻ جي پاڻي لاء ترسنداسين، هن چيو ته اگر سمنڊ ۾ پاڻي نه وڃڻ ڪري سمنڊ ابتو وهندو تنهنڪري ٺٽو، سجاول، بدين مڪمل طور سمنڊ ۾ هليا ويندا، هن چيو ته 6 ڪينال ٺاهڻ سان ڪجهه مخصوص ڪمپنين کي فائدو پوندو ان کي گرين ڪمپني جو نالو ڏنو ويو آهي، جيڪو فائدو ڪجه ڪمپنين لاء ته هوندو پر ڪروڙين عوام لاء تباهي هوندي، هنن چيو ته 6 ڪينال ٺاهڻ جي حمايت ڪرڻ تي اسان آصف علي زرداري کان استعيفا جو مطالبو ڪريون ٿا، هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ارسا قانون ۾ ترميم ۽ 6 نوان ڪينال ٺاهڻ جو منصوبو واپس نه ورتو ويو ته ملڪ گير احتجاج ڪنداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهرو فيروز (
ارسا ۾ ترميم، سنڌو درياهه
0 تبصرے