English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهرو فيروز جي عوام پاران به ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم ۽ نوان ڪئنال ٺاهڻ وارا منصوبا رد
177 views
|
19th Sep 2024
•
سنڌي خبرون
ارسا قانون ۾ ترميم ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، سنڌو درياهه تي 6 ڪينال ٺاهي سنڌ کي سُڪائڻ جي سازش ڪامياب نه ٿيندي: اڳواڻ
نوشهرو فيروز (ڊ ر)ارسا ۾ ترميم، سنڌو درياهه تي 6 ڪينال ٺاهڻ خلاف نوشهرو فيروز ۾ مختلف مختلف سياسي سماجي پارٽين جو پريس ڪلب نوشهرو فيروز آڏو احتجاج ڪيو ويو احتجاج جي اڳواڻي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي اڳواڻ خادم سيال، آصف حسيني، جنيد، فرمان نول، جيئي سنڌ قومي محاذ جو اياز راڄپر، اسد عمراڻي، رحمان تڳر، اين پي پي اڳواڻ معشوق ڪورائي، عمران جتوتي، خوشي محمد مغل، جسقم (ص) جو صوفي خالد چنه، جيئي سنڌ محاذ جو گدا حسين ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ارسا قانون ۾ ترميم ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي جڏهن ته سنڌو درياهه تي 6 ڪينال نه ٺهڻ گهرجن ڇو ته 6 ڪينال ٺهڻ سان سنڌ جي تقريبن 48 کان 50 لک ايڪڙ غير آباد ٿي ويندا، جنهن جو مطلب لڳ ڀڳ اڌ سنڌ تباھ ٿي ويندي، ۽ ڪراچي ۾ پيئڻ لاء پاڻي نه ملندو پيئڻ جي پاڻي لاء ترسنداسين، هن چيو ته اگر سمنڊ ۾ پاڻي نه وڃڻ ڪري سمنڊ ابتو وهندو تنهنڪري ٺٽو، سجاول، بدين مڪمل طور سمنڊ ۾ هليا ويندا، هن چيو ته 6 ڪينال ٺاهڻ سان ڪجهه مخصوص ڪمپنين کي فائدو پوندو ان کي گرين ڪمپني جو نالو ڏنو ويو آهي، جيڪو فائدو ڪجه ڪمپنين لاء ته هوندو پر ڪروڙين عوام لاء تباهي هوندي، هنن چيو ته 6 ڪينال ٺاهڻ جي حمايت ڪرڻ تي اسان آصف علي زرداري کان استعيفا جو مطالبو ڪريون ٿا، هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ارسا قانون ۾ ترميم ۽ 6 نوان ڪينال ٺاهڻ جو منصوبو واپس نه ورتو ويو ته ملڪ گير احتجاج ڪنداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهرو فيروز (
ارسا ۾ ترميم، سنڌو درياهه
0 تبصرے