ڏوڪري: ڳوٺ شير محمد جوڻيجو ۾ پير بخش خان جوڻيجو طرفان جشنِ عيد ميلاد النبي ﷺ وڏي عقيدت و احترام سان ملهايو ويو

علي ڏنو خان گاڏهي، حبيب الله عالماڻي، عبدالغني جوڻيجو، عبدالسلام،محمد طيب جوڻيجو، محمد قاسم، غلام مصطفي' جوڻيجو ۽ ٻيا شريڪ

ڏوڪري: ڳوٺ شير محمد جوڻيجو ۾ پير بخش خان جوڻيجو طرفان جشنِ عيد ميلاد النبي ﷺ وڏي عقيدت و احترام سان ملهايو ويو

ڏوڪري (رپورٽ؛ساجد مسڻ) ڳوٺ شير محمد جوڻيجو ۾ هر سال وانگر هن سال به تعلقه ڏوڪري جي سياسي سماجي اڳواڻ ميمبر پ پ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو پير بخش خان جوڻيجو طرفان جشنِ عيد ميلاد النبي ﷺ وڏي عقيدت و احترام سان ملهايو ويو.

جنهن ۾ سنڌ جي مشهور عالمن جن ۾ مولوي محمد ملوڪ، مولوي قاضي تسليم جوڻيجو، حضرت علامه حافظ محبت علي جامي خطيب درگاه لواري شريف ۽ ٻين عالم سڳورن ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفي ﷺ جن جي سوانح حيات تي روشني وڌي؛ جڏهن ته نعت خوانن ۾ امجد حسين مسڻ، مدد علي ميتلو،سرفراز ساريو، عباد الله ڪوري سميت ٻين نعت خوانن نعت شريف جو هديو پيش ڪري خوب داد وصول ڪيو.

هن پر نور محفل ۾ آيل ٻاهرين عالمن، نعت خوانن ۽ مهمانن کي پروگرام جي ميزبانن پير بخش خان جوڻيجو، مسعود احمد جوڻيجو ۽ آفتاب احمد جوڻيجو اجرڪن ۽ گلن جا هار سندن خدمت ۾ پيش ڪيا. هي جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جو پروگرام صبح جو ڏهه بجه کان شروع ٿيو ۽ 2 بجه تائين جاري رهيو، آخر ۾ آيل سڀني عاشقانِ رسول کي عرس شريف جو ننگر پڻ کارايو ويو.

هر سال وانگر هن سال به تعلقي ڏوڪري جي سياسي، سماجي اڳواڻن جن ۾ سردار علي ڏنو خان گاڏهي ميمبر پ پ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو ،حبيب الله عالماڻي، عبدالغني جوڻيجو، عبدالسلام،محمد طيب جوڻيجو، محمد قاسم، غلام مصطفي' جوڻيجو، عبدالقادر مسڻ،عرف علي جوڻيجو، حيدر بخش جوڻيجو، احمد علي سومرو سميت ڪيترن ئي عاشقِ رسول وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.