English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
واھي پانڌي ۾ قتل ٿيل نظيران برھماڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج
259 views
|
27th Sep 2024
•
سنڌي خبرون
وارثن، قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران ڳوٺ دودو برھماڻي کان ريلي ڪڍي گورک موڙ تي ڌرڻو ھنيو ويو
واھي پانڌي(رپورٽر) واھي پانڌي ۾ گوليون ھڻي قتل ڪيل نظيران برھماڻي جي قتل ڪيس جا جوابدار گرفتار نہ ٿيڻ ۽ وارثن کي ڌمڪيون ملڻ خلاف ۔ وارثن، قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران ڳوٺ دودو برھماڻي کان ريلي ڪڍي گورک موڙ تي ڌرڻو ھنيو ويو. ريلي جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ جي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي، خادم سمون، امير زادي برھماڻي، اصغر برھماڻي، گل حسن برھماڻي، عبيد برھماڻي، گل بھار رستماڻي، ماجد گل برھماڻي ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي چيو تہ شھيد نظيران برھماڻي جو قتل ھن علائقي جو وڏو سانحو آھي. بدقسمتي سان پوليس ۽ ھتان جان چونڊيل نمائندا پھرئين ڏينھن کان قاتلن کي بچائي رھيا آھن، شروعاتي 6 ڏينھن تائين ڪيس داخل نہ ڪيو ويو، ھاڻ ڪيس داخل ٿيڻ باوجود قاتلن کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي. پيپلز پارٽي ۽ پوليس ڏوھارين جي سرپرستي بند ڪري. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو تہ واھي پانڌي پرامن علائقو آھي، ھتي جا ماڻھو پروگريسو، ترقي پسند سوچ ۽ سياسي جدوجھد وارا آھن، جوابدارن اڳ ۾ حملا ڪري ھڪ استاد حسين برھماڻي ۽ علي خان برھماڻي سميت ٻن ڄڻن کي زخمي ڪيو، پوليس انھن جي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري ھا تہ شھيد نظيران برھماڻي وارو واقعو پيش نہ اچي ھا. ڪراچي ۾ ويٺل بليڪ ميلر قادر لاشاري ھن واقعي جو ذميوار آھي. پوليس قاتلن کي گرفتار نہ ڪيو تہ سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ احتجاج جو لائحه عمل جوڙيندي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ امير زادي برھماڻي خطاب ڪندي چيو تہ پوليس ڪيس داخل ٿيڻ باوجود قاتلن کي گرفتار نٿي ڪري. جوابدار سرعام ھٿيار کڻي گھمي رھيا آھن ۽ ٻيھر حملو ڪري ماڻھو مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. ايس ايس پي دادو ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ گم ٿي ويو آھي. ايس ايچ او واھي پانڌي قاتل گرفتار نٿو ڪري. جيڪڏھن جوابدار گرفتار نہ ڪيا ويا تہ رستن تي اچي سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪنداسين. سنڌ حڪومت قاتلن کي بچائڻ جي ڪوشش نہ ڪري. رفيق جمالي قاتلن جي سرپرستي نہ ڪري. ھوڏانھن ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي ھدايت تي قومي عوامي تحريڪ جي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون جي اڳواڻي ۾ مرڪزي وفد ڳوٺ دودو برھماڻي پھچي شھيد نظيران برھماڻي جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ اياز لطيف پليجي جو پيغام پھچائي کين انصاف لاءِ ڀرپور مدد جي خاطري ڪرائي. وفد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي ۽ قومي عوامي تحريڪ جو جوائنٽ سيڪريٽري خادم سمون پڻ موجود هئا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
لوڻي ڪوٽ ۽ ڀرپاسي جي پورھيتن جو احتجاجي مظاھرو
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ناري کي مبينا قتل ڪرڻ بعد نوجوان آپگھات ڪري ڇڏيو
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد ۾ بزرگ شاعر عالم شير گبول جي مانَ ۾ تقريب
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
جھرڪ ۾ ڪوئلي جي رائلٽي ۾ مسلسل واڌ خلاف واپارين ۽ ٽرانسپورٽرن جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
واھي پانڌي
شھيد نظيران برھماڻي
دودو برھماڻي
0 تبصرے