ارسا جي قانون م ترميمون آڻڻ سان انڊس ريور سسٽم تباھ ٿي ويندو:سيد زين شاه

ارسا ايڪٽ پاڻي جي ورھاست ۽ 1991 پاڻي ٺاھ تي وڏن خدشن باوجود سنڌ واسين ان معاھدي کي قبول ڪيو

ارسا جي قانون م ترميمون آڻڻ سان انڊس ريور سسٽم تباھ ٿي ويندو:سيد زين شاه

نوشهروفيروز(ڊ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيء جو ضلعي ورڪرز ڪنوينشن ضلعي ھيڊ ڪوارٽر ۾ چنا ميريج حال ۾ مرڪزي صدر سيد زين شاھ جي صدارت ۾ ٿي گذريو ورڪرز ڪنوينشن ۾ مرڪزي سينيئر نائب صدر روشن ٻرڙو, نائب صدر امير آزاد پنھور, جنرل سيڪريٽري جڳديش آھوجا, جوائنٽ سيڪريٽري, رمضان ٻرڙو فنانس سيڪريٽري مختيار ميمڻ,ڊويزنل صدر اسلم ڪوريجو, سيڪريٽري جلال الدين ٽانوري, ضلع صدر ڪامريڊ رضا محمد بھڻ, سيڪريٽري ذيشان وسطڙو ۽ ٻين ضلعي تعلقن ميونسپلز, يوسين, ٽائونن, يوسين, يونٽن جي اڳواڻن ورڪرن جي شرڪت.ورڪرز ڪنوينشن ۾ صحافي برادريء سميت پارٽي جي ھمدردن سول سوسائٽيء مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاه ڪندي چيو ته ارسا جي قانون م ترميمون آڻڻ سان انڊس ريور سسٽم تباھ ٿي ويندو،ھن چيو ته ارسا ايڪٽ پاڻي جي ورھاست ۽ 1991 پاڻي ٺاھ تي وڏن خدشن باوجود سنڌ واسين ان معاھدي کي قبول ڪيو، ايوان صدر ۾ اجلاس سڏائي ارسا ايڪٽ ۾ ترميمون ڪرڻ ۽ 1991 پاڻي ٺاھ کي تبديل ڪرڻ ء نوان ڪينال کولڻ جي ڳالھ ڪئي وئي آھي، سنڌين جي زندگي جو مسئلو آھي جيڪو اسان کي قبول ناھي، سنڌو ڌرياءَ تي سڀ کان وڌيڪ حق سنڌ واسين جو آھي ڇاڪاڻ ته سنڌ پڇڙي جو صوبو آھي،سمنڊ م پاڻي ن ڇڏڻ سبب سمنڊ سنڌ جي زرعي زمين ڳڙڪائيندو پيو وڃي، آصف زرداري سنڌ دشمن آھي،سنڌ اسيمبلي جي ٺھراءُ کانپوء صدر آصف زرداري بنا دير استعيفا ڏئي اھو غير قانوني ءِ غير آئيني بڻجي ويو آهي، نوان ڪينال ڪنھن ب صورت م قبول ناھي جڏھن پاڻي آھي ئي نہ ته ڪينال ڪئين ٿا نڪرن،ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ سدائين واري اڏامي ٿي،آباد زمينن کي غير آباد ڪري ليز زمينن کي آباد ڪرڻ ڪھڙو انصاف آھي، 19 سيپٽمبر تي سڄي سنڌ م احتجاج ڪيو ويندو ،سيد زين شاھ چيو ت ارسا صدر جي ماتحت نه آھي،ھن چيو ته نئين ڪمانڊ ايريا بڻائڻ سان اسان جي پاڻي جو نظام برباد ٿي ويندو، اگر سمنڊ م پاڻي ن ڇڏيو ويو ت ڪراچي، حيدرآباد ءِ ٽنڊومحمدخان ب سمنڊ حوالي ٿي ويندو، ھن چيو ته اگر ھن معاملي تي صدر زرداري استعيفا نٿو ڏئي ته سنڌ اسيمبلي استعيفا ڏئي،چھ نوان ڪينال ڪڍيا پيا وڃن، ارسا م ترميم سنڌ کي غير آباد ڪرڻ جي سازش آھي،سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي چيو ت 1991 ٺاھ م واضع آھي ت سنڌو ڌرياءَ تي سنڌ جو حق آھي ان جي حصي جو پاڻي ن کنيو ويندو،ڪھڙي ضرورت آھي ارسا م ترميم آڻڻ جي،اسيمبلين ءِ سينيٽ جي ھوندي آرڊيننس ڪئين ٿو آڻي سگھجي، صوبن کان پچڻ کانسواء ترميم نٿي آڻي سگھجي،بدين ٺٽي سجاول جي 30 لک زمين غير آباد ٿي وئي آھي،91 جي پاڻي معاهدي م واضع آھي ت ڏھ لک ڪيوسڪ پاڻي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم م ڇڏڻو آھي، اگر ڪوٽڙي کان ھيٺ پاڻي نه ايندو ته ڪراچي کي ڪئين پاڻي ملندو، سنڌ اسيمبلي صدر آصف زرداري جي آرڊيننس خلاف قرارداد پاس ڪري سنڌ جي عوام کي بيوقوف بڻائي رھي آھي سياسي يتيم اسان نه پر آھي آھن جن فارم 47 تي کٽي آيا آھن ھي بوگس اسيمبليون آھن سنڌ جي زراعت کي تباھ ڪرڻ جي سازش آھي وفاق سڀني لاء برابر آھي،پاڻ کي سنڌ واسي سڏائيندڙ صدر آصف زرداري سنڌ دشمن فيصلا ڪري پيو، سي سي آء جي ھوندي صدر آصف زرداري ڪئين ٿو سنڌ جي پاڻي جو فيصلو ڪري،صدر زرداري سنڌ سان غدار ڪئي آھي پيپلز پارٽي سنڌ جون زمينون ۽ پاڻي وڪرو رھيا آھن۔ گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ کي بنجر بڻائڻ جو فيصلو قبول ناھي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي سنڌ کي تباھ ڪرڻ جي سازش قبول نه ڪنداسين، ڪراچي واسين کي اپيل آهي ت 19 سيپٽمبر تي روڊن تي نڪري انھن ظالمن خلاف نفرت جو اظھار ڪري