English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي معذورن جي حقن جي تحفظ بابت قائم اختياري جي عملدارن پاران اين ڊي ايف نوابشاھ جو دورو
views
|
13th Aug 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي معذورن جي حقن جي تحفظ بابت قائم اختياري جي عملدارن پاران اين ڊي ايف نوابشاھ جو دورو
نوابشاھ: سنڌ جي معذورن جي حقن جي تحفظ واري اختياري جي عملدارن اين ڊي ايف نوابشاھ پارن قائم ذھني معذور ٻارن جي بحالي مرڪز جو دورو ڪيو، جنهن جو مقصد اٿارٽي ۾ سماجي تنظيم اين ڊي ايف جي رجسٽريشن جي حصول لاءِ جائزو وٺڻ هو. ڪميٽي اين ڊي ايف جو جائزو وٺندي بحالي مرڪز پاران مهيا ڪيل سهولتن ۽ خدمتن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي اين ڊي ايف جي اڳواڻن عابد لاشاري، طارق چنڙ، سائره لاشاري ۽ ٻين ٻڌايو ته بحالي مرڪز علائقي ۾ معذور ٻارڙن جي بحالي ۽ انھن کي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. عابد لاشاري عملدارن کي بريفنگ ڏني ۽ کين سينٽر جو هڪ جامع دورو پڻ ڪرايو، جتي عملدارن کي اين ڊي ايف جي عملي ۽ ٻارڙن ۽ والدين سان ڳالهه ٻولهه جو موقعو پڻ مليو. قمر شاھد صديقي چيو تہ ھن ذاتي طور تي مختلف پروگرامن ۽ سرگرمين جو مشاهدو ڪيو جن جو مقصد ذھني معذور ٻارڙن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ معذور ٻارن جي شموليت کي هٿي ڏيڻ آھي. اٿارٽي جي ڊائريڪٽر شيراز لغاري، فنانس ڊائريڪٽر افشان شيخ، ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رتنا ديوان ۽ غلام مرتضيٰ چنڙ ريجنل ڊائريڪٽر بحالي مرڪز جي خدمتن کي تمام گهڻو ساراهيندي چيو سنڌ جي ٻهراڙي جي علائقن لاءِ اين ڊي ايف بحالي مرڪز ھڪ تحفو آهي. اين ڊي ايف ٽيم پاران ڏيکاريل جذبو ۽ عزم قابل داد آھي. شيراز لغاري وڌيڪ چيو ته اهڙن قدمن جي حوصله افزائي ٿيڻ گھرجي جيئن هڪ جامع وسيع شموليت وارو سماج ٺاهيو وڃي، جتي ذهني معذوري وارا ٻار، خاص طور تي ڊائون سنڊروم وارا ٻار بحال ٿي سگھن. ھن وڌيڪ چيو تہ ھو اين ڊي ايف بحالي مرڪز ۾ ڪيل ڪم کان ڏاڍو متاثر ٿيا آهن ۽ معذورن کي ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ اداري جي ڪوششن کي داد ڏيندي چيو ته، ”اها ضروري آهي ته اسان اين ڊي ايف جهڙين تنظيمن سان سهڪار جاري رکون ته جيئن معذور ٻارن کي انهن وسيلن ۽ موقعن تائين رسائي حاصل ٿي سگھي ۽ سندن وسيع پئماني تي جامع ترقي ڪرڻ لاءِ اپاءُ وٺي سگھجن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
پاکستان
پاکستان سے امریکا منتقل ہونیوالی27 سالہ ڈاکٹر جگر ٹرانسپلانٹ سے آدھا گھنٹہ قبل چل بسیں
29th Sep 2025
•
تازہ ترین
کھیلوں میں جنگ کو گھسیٹنے سے صرف بھارت کی ’بوکھلاہٹ‘ ظاہر ہوتی ہے، محسن نقوی
29th Sep 2025
•
پاکستان
کمشنر قلات ڈویژن ڈاکٹر طفیل بلوچ سے ڈپٹی کمشنر آواران انجینئر عائشہ زہری کی خضدار میں اہم ملاقات
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ پاران انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۾ سالانه بلڊ ڪئمپ لڳائي وئي
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ درٻيلو واسي پيرسن جو پٽ خلاف احتجاج
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 9 جواري گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌ جي معذورن
نوابشاھ:
NDF
0 تبصرے