ٽنڊو آدم؛ ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غفلت سبب ڳورهاري عورت فوت

ٽنڊو آدم؛ ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غفلت سبب ڳورهاري عورت فوت

ٽنڊو آدم؛ ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غفلت سبب ڳورهاري عورت فوت

ٽنڊو آدم(حسنين عاشق ساند) سٽي ٿاڻي جي حد چانهيا پاڙي ۾ مبينا طور ڊاڪٽرياڻي جي غفلت سبب ڳورهاري عورت فوت. وارثن جو احتجاج، انصاف جو مطالبو. رپورٽ موجب ٽنڊي آدم جي سٽي ٿاڻي جي حد چانهيا پاڙي جي رهندڙ ڳورهاري عورت 25 سالا امام زادي زال معشوق ڀٽو مبيناطور تعلقا اسپتال جي ڊاڪٽرياڻين جي غفلت سبب حيدرآباد جي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي. وارث لاش کڻائي تعلقا اسپتال ٽنڊو آدم آيا جتي عبدالڪريم ڪنڊاڻي، معشوق ڀٽو ۽ ميرزادي زال در محمد ڀٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته محرم جي ست تاريخ تي اسان ٻار ڄڻائڻ لاءِ ڇوڪريءَ کي داخل ڪيو پهريان ڊاڪٽرياڻين چيو ته آپريشن ٿيندو بعد ۾ چيو ويو ته ٻار نارمل ٿيندو، جڏهن اسان جي عورت کي وڌيڪ تڪليف ٿيڻ شروع ٿي ته فوري طور تي آپريشن ڪيو ويو ۽ ٻار مئل حالت ۾ پيدا ٿيو. ان بعد وڌيڪ تڪليف سبب حيدرآباد جي اسپتال ريفر ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرياڻين چيو ته آپريشن غلط ٿيو آهي زهر مائي جي پيٽ ۾ ڦهلجي ويو آهي. 8 ڏينهن علاج ٿيو پر اسان جي عورت فوت ٿي وئي، هنن الزام مڙهيندي چيو ته تعلقا اسپتال جي ڊاڪٽرياڻين جي غفلت سبب موت واقع ٿيو آهي، انهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. ايم ايس تعلقا اسپتال سيد فضل شاهه سان رابطي ڪرڻ تي هُن ٻڌايو ته عورت جي حالت سيريس هئي. آپريشن دوران اوچتو اهڙي صورتحال پيدا ٿي ويندي آهي جنهن جي ڪري وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد جي اسپتال منتقل ڪيو ويندو آهي. بعد ۾ وارث فوتي عورت جو لاش گهر کڻي ويا، جنازي نماز بعد مقامي حاجي اسماعيل شاهه قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.