English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي ڳوٺ علي محمد شيخ ۾ جھيڙي دوران فائرنگ، سماجي اڳواڻ نصراللھ شيخ مارجي ويو، شٽربند ھڙتال ۽ ڌرڻو، 8 ڄڻا گرفتار
views
|
22nd Jul 2024
•
سنڌي خبرون
ڪراچي جي ڳوٺ علي محمد شيخ ۾ جھيڙي دوران فائرنگ، سماجي اڳواڻ نصراللھ شيخ مارجي ويو، شٽربند ھڙتال ۽ ڌرڻو، 8 ڄڻا گرفتار
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي علي محمد شيخ ڳوٺ ۾ اوڏ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران. ڇڏائڻ تان اوڏ برادري جي ھٿياربندن جي فائرنگ دوران سماجي اڳواڻ نصرالله شيخ گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو. جيڪو دوران علاج زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. علائقي ۾ شٽر بند ھڙتال. پورو علائقي ۾ سوڳ. وارثن پاران مين سپر ھاء وي تي لاش رکي احتجاج. ڌرڻو. ڪراچي حيدرآباد ويندڙ مين روڊ کي ٽريفڪ لاء بند ڪري ڇڏيو. ھزارين گاڏيون بيھجي ويون. مسافر پريشان. پوليس مک جوابدار سميت 8 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. وارثن پاران مين سپر ھائي وي تي احتجاج ختم. تفصيل موجب. ڪراچي سائيٽ سپر ھاء وي ٿاڻي جي حد علي محمد شيخ ڳوٺ ۾ اوڏ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران ڇڏائڻ لاء ويل سماجي اڳواڻ نصرالله شيخ کي اوڏ برادري جي ھٿياربندن سنڌيون گوليون ھڻي زخمي ڪري وڌو جنهن کي فوري طبي امداد لاء ويجھي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس جي حالت نازڪ ھيب ڪري سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي نصرالله شيخ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. مقتول نصرالله شيخ جي فوت ٿيڻ واري خبر علائقي ۾ باھ جيان پيکڙجي وئي. مقتول جا وارث سون جي تعداد ۾ گھرن کان ٻاھر نڪري آيا. اوڏ برادري جي ماڻھن سان جھيڙو فائرنگ سبب علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو. احسن آباد سميت علي محمد شيخ ڳوٺ. دلدار عمراڻي ڳوٺ جون مين مارڪيٽون بند ٿي ويون. پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي صورتحال تي ڪنٽرول ڪري ورتو. پوري علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو. مک جوابدار اسلم اوڏ جي گرفتاري لاء مقتول جي وارثن لاش کي سپر ھاء وي تي رکي ٻنھي روڊن کي ٽريفڪ لاء بند ڪري ڇڏيو. احتجاجي مظاھري ۾ اين اي 235 قومي اسيمبلي جو ميمبر اقبال محسود. پانڌي بگٽي. پيپلزپارٽي جو اڳواڻ نديم چانڊيو. سلطان بليدي. سينئير صحافي مشتاق سرڪي سميت ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مقتول جي چاچي موسي شيخ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ظالمن ظلم ڪيو آھي اسان جي ڪونڌڙ نوجوان کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو آھي. مک جوابدار جي گرفتار نه ڪيو ويو ته اسين پنھنجو احتجاج جاري رکنداسين. جڏھن ته سائيٽ سپر ھاء وي پوليس قتل جي مک جوابدار اسلم اوڏ سميت 8 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي. جنھن کانپوء وارثن مين سپر ھاء وي تان احتجاج ختم ڪري ڇڏيو. خبر موڪلڻ تائين جوابدارن خلاف ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Sep 2024
•
سندھ
کراچی: ایم این اے شازیہ مری نے زرداری ہاؤس کراچی میں فریال تالپور سے ملاقات کی
19th Sep 2024
•
سندھ
سیہون شریف میں حلال احمر پاکستان کی جانب سے موسمیاتی تبدیلی کے اثرات پر آگاہی کے لیے ورکشاپ کا انعقاد
19th Sep 2024
•
سندھ
نواب شاہ: بی سیکشن تہانے کے حدود محاجر کالونی میں بے رحم بہائی نے اپنی دو بہنوں کو بجلی کا کرنٹ دے کر قتل کر دیا
18th Sep 2024
•
سندھ
میرے کردار اور میرے کاروبار پر انگلی اٹھانے والے اپنے گریبان میں جھانکیں، دعا تھیبو
19th Sep 2024
•
سنڌي خبرون
شهيد مير مرتضي ڀٽو جي خاندان کي ڪڏهن انصاف ملندو ..
19th Sep 2024
•
سنڌي خبرون
نوابشاهه: بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مهاجر ڪالوني ۾ 2 ڀينرون بجلي جا ڪرنٽ ڏئي قتل
19th Sep 2024
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان جو استادن تي حملي جو الزام
19th Sep 2024
•
سنڌي خبرون
سجاول جي عدالت آڪاش مڱڻهار قتل ڪيس جي ٻن جوابدار ڀائرن کي سزا ٻڌائي ڇڏي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
Tags
ڪراچي
علي محمد شيخ
اوڏ برادري
سماجي اڳواڻ نصراللھ شيخ
0 تبصرے