مورو: ميونسپل چئيرمين نظير احمد ميمڻ پاران امام بارگاه ۾ امام حسين عھ جي زريح پاڪ جي زيارت

مورو: ميونسپل چئيرمين نظير احمد ميمڻ پاران امام بارگاه ۾ امام حسين عھ جي زريح پاڪ جي زيارت

مورو: ميونسپل چئيرمين نظير احمد ميمڻ پاران امام بارگاه ۾ امام حسين عھ جي زريح پاڪ جي زيارت

مورو(جاني جماڻي) ميونسپل ڪاميٽي مورو چئيرمين نظير احمد ميمڻ امام بارگاه پهچي مولا امام حسين جي زريح پاڪ جي زيارت ڪئي مرڪزي امام بارگاھ ۽ ماتمي جلوس جي روٽ جو دورو ڪيو۔ ميونسپل ڪميٽي مورو جي چيئرمين نظير احمد ميمڻ ميونسپل ڪاميٽي مورو جي صفائي عملي، انڪروچمينٽ اسٽاف ۽ فائر برگيڊ عملي سان گڏ مورو جي مرڪزي امام بارگاھ الحسيني جو دورو پڻ ڪيو ۽ روڊ تي صفائي جي صورتحال جو پڻ جائزو ورتو۔ ان موقعي تي ميونسپل ڪاميٽي مورو جي چيئرمين نظير احمد ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ محرم الحرام جي مهيني ۾ ماتمي جلوسن جي روٽن جي صفائي کان علاوه نيڪال جو نظام بهتر ڪيو ويندو ۽ ماتمي جلوسن جي رستن تي پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ خاص اپاءَ ورتا ويندا۔ ان کان علاوه ميونسپل ڪاميٽي مورو، انڪروچمينٽ اسٽاف ۽ فائربرگيڊ مورو جي سمورن ملازمن کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي۔