English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاء احتجاجي مظاھرو
55 views
|
27th May 2024
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاء احتجاجي مظاھرو
عمرڪوٽ(ڊ ر) ميرپورماٿيلو جي شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاء پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو صحافين ۽ سياسي سماجي ڌرين طرفان احتجاجي مظاھرو، قاتلن جي گرفتاري لاء سخت نعري بازي ڪئي ويئي سنڌ حڪومت ۽ صحافتي تنظيمن کي سختي سان نوٽيس وٺندي قاتلن جي گرفتاري ۽ مقتول جي معصوم ٻچڙن ۽ وارثن کي انصاف ڏيارڻ جي گُھر. خبر موجب ميرپورماٿيلو ۾ شھيد ٿي ويل سينيئر صحافي ۽ سوشل ورڪر نصر الله گڏاڻي جي قتل واري واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو صحافين ۽ سياسي سماجي ڌرين طرفان پريس ڪلب جي آڏو صدر پريس ڪلب غلام محمد ڪنڀر،ڪانجي مل رکيسر سوائي مل الياس ٿري, سهيل ڪنڀر, غلام مصطفي مھر، اجمل مينڌراڻي، وقاص،ڀگوان داس لوھاڻو، دليپ ڪمار، اسلم مھر، هرچند ساگر, لجپت مالھي , ڪامريڊ گل بجير, محب منڱريو، عمران علي، ميھار بنگلاڻي، ميرڻ مھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعاريبازي ڪئي ويئي صحافين پاران شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي، شھيد جان محمد مھر جي قاتل ۽ ملوث ڪردارن کي فورن گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن هڪ سازش تحت سنڌ ۾ گهڻي وقت کان سنڌ جي شعور کي خاموش ڪرائڻ ۽ عوام جي حقن تي ڳالهائيندڙن کي ڳولي ڳولي گوليون هڻي ماريو پيو وڃي جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
ميرپورماٿيلو
شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي
0 تبصرے