English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شھيد نصراللھ گڏاڻي جي جنازي ۾ ھزارين ماڻھو پر ٿاڻي تي پھتل امڙ سان 15 ماڻھو ھئا: اياز لطيف پليجو
179 views
|
27th May 2024
•
سنڌي خبرون
شھيد نصراللھ گڏاڻي جي جنازي ۾ ھزارين ماڻھو پر ٿاڻي تي پھتل امڙ سان 15 ماڻھو ھئا: اياز لطيف پليجو
ملير(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو گلشن حديد ڪراچي ۾ مھراڻ ايسوسيئيشن فرم ڪيريئر ڪائونسل سيزن ۾ مھمان خاص طور شريڪ ٿيو. گلشن حديد پھچڻ تي اياز لطيف پليجي جو گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو ويو. پروگرام کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي اھڙن انجنيئرن جي ضرورت آهي جيڪي روزگار سان گڏ پنھنجي ماڻھن جي لاءِ جدوجھد ڪن ئ ميدان عمل ۾ ھجن. ڪيترن سي ايس ايس ڪرڻ وارن مون سميت سڄي سنڌ کي مايوس ڪيو آھي. انجنيئر سماج جو بہ ھجڻ گھرجي توھان ۾ جيڪڏھن صلاحيتون آھن تہ سماج جي تبديلي جا انجنيئر ٿيو. انجنيئر جو مقصد صرف پُل ٺاھڻ يا بيلدار ٿيڻ ناھي، انجنيئر ۾ بہ ليڊر ھجڻ گھرجي، ليڊر صرف سياسي ناھن ھوندا، ھر شخص کي پنھنجي فيلڊ جو ليڊر ھجڻ گھرجي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپٽ حڪمران سنڌ ۾ تعليم، صحت، روزگار، زراعت، صنعت، آئي ٽي ٽيڪنالاجي، خوشحالي ڏيڻ بدران سنڌ جي ماڻھن کي پينو فقيرن جو لشڪر بنائڻ چاھين ٿا تہ جيئن سنڌي ماڻھن ۾ پنھنجن بنيادي حقن لاءِ سياسي مزاحمت پيدا نہ ٿئي، جرئت نہ ٿئي. اياز لطيف پليجي چيو تہ شھيد نصرالله گڏاڻي جي جنازي ۾ ھزارين ماڻھون ھئا پر افسوس ايف آء آر ڪٽرائڻ لاءِ شھيد جي امڙ سان صرف 15 ماڻھون ھئا جڏھن تہ جنازي کان ڏھوڻ تي ماڻھون ھجڻ گھرجن ھا. نصرالله گڏاڻي جا وارث ۽ سندس علائقي جا ماڻهو مضبوط ٿي بيھندا تہ سنڌ ساڻن گڏجي بيھندي اسان ساڻن گڏ ھونداسين. نصراللہ اللہ گڏاڻي جو ڪيس وارثن جي مرضي سان داخل ٿيڻ گھرجي. اياز لطيف پليجي چيو تہ چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ڌاڙيل واھ آھن. اھي صرف ٻوڏ ۾ سنڌ جي اجازت سان کولي سگھجن ٿا پر وفاقي حڪومت ۽ ارسا سنڌ سان دوکو ڪري کوٽ دوران ڌاڙيل واھ کولي سنڌ جو پاڻي چوري ڪري رھي آھي. 91 ٺاھ تحت سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ھن وقت مٿي پاڻي موجود آھي پر سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي.اقتدار خاطر پ پ حڪومت خاموش آھي ۽ سنڌ جو پاڻي چوري ڪرائي رھي آھي ارسا ۽ ڪرپٽ سنڌ جا حڪمران سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻائڻ ۾ سھولتڪار آھن.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جو ھنرمند نوجوانن کي آسان شرطن تي ڪاروبار لاءِ قرض ڏنا وڃن. حڪومت آئي ايم ايف کان جان ڇڏائي. آزاد خودمختيار معاشي پاليسيون جوڙي مھانگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي. ملڪ جا وسيلا تين وال نہ ڪيا وڃن. ڪرپشن ۾ ملوث وزيرن کي گرفتار ڪري معاشي سڌارا آندا وڃن. شفافيت ۽ ميرٽ سان ملڪ ترقي ڪندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپشن جي ڪينسر ملڪ جي بحرانن ۾ آڻي ڇڏيو آھي. نيب، ايف آئي اي ۽ اينٽي ڪرپشن کي صرف مخالفن خلاف استعمال ڪيو وڃي ٿو. ادارن کي آزادي سان ڪم ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ مھانگائي غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. بيروزگاري کان تنگ نوجوان خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملين روپين ۾ ٺهندڙ روڊ ۽ پلون ھڪ سال بہ نٿا ھلن. بديانتي ۽ ڪرپشن جي ڪري ھر شھر ۾ روڊ ۽ ٻيا منصوبا تباھ لڳ نہ پيا آھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شھيد نصراللھ گڏاڻي
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے