English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: جهرڪ ويجهو گذريل ڏينهن حادثي ۾ فوت ٿيل 7 ڄڻن جا مڙھھ جنازي نماز بعد مٽيءَ ماءُ حوالي ، علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول
views
|
26th May 2024
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: جهرڪ ويجهو گذريل ڏينهن حادثي ۾ فوت ٿيل 7 ڄڻن جا مڙھھ جنازي نماز بعد مٽيءَ ماءُ حوالي ، علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول
ٺٽو(ڊ ر) جهرڪ ويجهو حميد فارم وٽ خوفناڪ حادثي ۾ فوت ٿيل 7 پورهيت ڳوٺاڻن جي جنازي نماز ڳوٺ ماڻڪ بهراڻي ۾ ادا ڪئي وئي هڪ ئي ڳوٺ مان 7 جنازه کڄڻ تي سوڳ وارو ماحول، زخمي 8 ڄڻن مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري ڪراچي ۾ انتهائي نگهداشت وارڊ ۾ منتقل جهرڪ پوليس حادثي جو ڪيس داخل ڪري خيبر ايجنسي واسي ڊمپر ڊرائيور عزيز پٺاڻ کي ڇاپا هڻي ڪوٽڙي مان گرفتار ڪري ورتو جهرڪ ويجهو گذريل ڏينهن ڪوٽڙي ۾ هڪ نجي فيڪٽري ۾ مزدوري ڪرڻ لاء سوزوڪي ۾ ويندڙ ڳوٺاڻن جي سوزوڪي کي سامهون ايندڙ ڊمپر زوردار ٽڪر هنيو هو جنهن جي نتيجي ۾ هن 7 ڄڻا فوت ٿيا هئا فوت ٿيل پورهيت ڳوٺاڻن آصف بهراڻي قربان بهراڻي سومار بهراڻي جلال بهراڻي عرفان بهراڻي وقار بهراڻي ۽ رياض بهراڻي جا جنازا تدفين لاء ڳوٺ ماڻڪ بهراڻي مان کنيا ويا ته ڪهرام مچي ويو سندن جنازي نماز ۾ صوبائي وزير رياض شاھ شيرازي سميت علائقي واسين سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. زخمي ٿيل 8 ڄڻن مان ٻن پورهيت نوجوانن نعمان ۽ حسن بهراڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين ڪراچي جي نجي اسپتال منتقل ڪري کين انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ رکيو ويو 6 زخمين منور واجد مشتاق مقبول آصف ۽ ارباب بهراڻي کي سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ڪرايو ويو حادثي جو ڪيس غلام علي بهراڻي جي فرياد تي رات دير سان جهرڪ ٿاڻي تي قلم 279 320 337 ۽ 427 پي پي سي تحت ڊمپر ڊرائيور خيبر ايجنسي واسي عزيز پٺاڻ خلاف داخل ڪيو ويو پوليس ڊمپر کي تحويل ۾ وٺي ڇاپا هڻي فرار ٿيل ڊمپر ڊرائيور عزيز پٺاڻ کي ڪوٽڙي مان گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب حادثو ڊمپر ڊرائيور جي لاپرواهي ۽ اڍنگي طريقي سان ڊرائيونگ سبب پيش آيو کيس گرفتار ڪيو ويو آھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
10th Jun 2025
•
سندھ
افسوس ہے کہ مریم نواز کو گٹر کھلوانے کے لیے بھی خود نکلنا پڑتا ہے: سعدیہ جاوید
10th Jun 2025
•
سندھ
کراچی یونیورسٹی میں پانی کی لائن ایک بار پھر پھٹ گئی، راستے تالاب بن گئے، سپلائی معطل
10th Jun 2025
•
شوبز
شان نے پاکستانی فلم انڈسٹری کو ڈبو دیا: ارباز خان کا الزام
10th Jun 2025
•
تازہ ترین
اسکول کے طالبعلم کی فائرنگ سے 9 افراد ہلاک
10th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ساجد جوکيو پاران ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب فوت ٿيل ناري سميت ٻن ڄڻن وارن واقعن جو نوٽيس
10th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: پ پ اڳواڻ رميش ڏيون مالھي ۽ رتن لال جي ايم پي ايز ۽ سياسي اڳواڻن سان ملاقات
10th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: پوليس پاران قرباني جا جانور ڦر ڪندڙ ٽولي جا 3 ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
10th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي ميونسپل ملازم جي فرياد تي ايس آءِ ۽ ٻين خلاف ڌاڙي جو ڪيس داخل
Advertisement
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
جهرڪ
ٺٽو
حميد فارم وٽ خوفناڪ حادثي
Advertisement
0 تبصرے