عمرڪوٽ: سي آءِ اي پوليس جي ڪارروائي، فراڊ ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
عمرڪوٽ(رپورٽر)سي آء اي پوليس عمرڪوٽ ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي، ڊبل رقم ڪري ڏيڻ بھاني فراڊ ڪرڻ جي الزام ھيٺ ھڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري 1 لک 7 ھزار رپين جا جعلي نوٽ، چاندي ۽ سون جا زيور ھٿ ڪرڻ جي دعوي، ڪيس داخل خبر موجب سي آء اي پوليس عمرڪوٽ طرفان ڳجھي اطلاع تي عمرڪوٽ ڀرسان ڪنڊي اسٽاپ لڳ ڪاروائي ڪري جھول واسي ھڪ شخص جاويد اختر عرف حبيب الله خاصخيلي کي ماڻھن کان ڊبل رقم ڪري ڏيڻ بھاني سان ٺڳي ڪرڻ الزام ھيٺ گرفتار ڪري 5 ھزار ۽ 1 ھزار رپين جا جعلي نوٽ چاندي ۽ سون جا زيور ھٿ ڪرڻ جي دعوي ڪئي آھي ان ڏس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سي آء اي انچارج خليل ڪنڀر چيو آھي ته گرفتار ٿيل شخص جاويد اختر عرف حبيب الله خاصخيلي کان 5 هزار ۽ 1 هزار روپين جي جعلي نوٽن سميت گرفتار ڪري هڪ لک 7 هزار روپين جا جعلي نوٽ ۽ چاندي جا ڪڙا هٿ ڪيا آهن جعلي نوٽ ٺاهي مال پڙين ۽ ٻهراڙين جي مختلف علائقن ۽ شهر جي مارڪيٽن ۾ وڪرو ڪري ۽ ماڻھن کان ٺڳي ڪري رقم ڊبل ڪرڻ جو بھانو ڪري دڪاندارن کي نقصان ڏيندو هو گرفتار ٿيل جوابدار جاويد اختر عرف حبيب الله خاصخيلي خلاف تعلقي ٿاڻي تي جعلسازي جو ڪيس داخل ڪيو آھي ۽ وڌيڪ جاچ ڪيون پيا ان موقعي تي ڊي ايس پي سٽي تصور جٽ، تعلقي ٿاڻي جو ايس ايڇ او اشوڪ ڪمار ميگھواڙ به موجود ھئا
0 تبصرے