English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشھروفيروز ۾ آبادگارن جو احتجاج، فوڊ انسپيڪٽر تي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جا الزام
40 views
|
09th May 2024
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز ۾ آبادگارن جو احتجاج، فوڊ انسپيڪٽر تي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جا الزام
نوشهروفيروز (ڊ ر) خوراڪ کاتي نوشهروفيروز اندر تازو خريداري دوران 12 سينٽرن تان هئي فوڊ انسپيڪٽر شوڪت آرائين پاران 30 ڪروڙ جي ڪرپشن ڪرڻ جو انڪشاف 9 ڏينهن گزري وڃڻ باوجود بدلي ڊي ايف سي وسيم جمالي نئي بدلي ٿي آيل وسيم ابڙو کي چارج نه ڏني آبادگار ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي آبادگارن گداحسين خاصخيلي، محمد اقبال راڄپر، گل بهار مري، محرم چنو، آصف قريشي، گل شيرسيال ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ داهيندي ٻڌايو ته ڊي ايف سي وسيم جمالي 23 خريداري سينٽر مان 12 سينٽر فوڊ انسپيڪٽر شوڪت آرائين جي حوالي ڪري ان سان ملي مختلف سينٽرن تان 30 ڪروڙ جي ڪرپشن ڪئي آهي. جنهن جي خلاف خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري وڏي وزير جي حڪم تي انڪواري ڪئي ته هن مٿان ڪرپشن ثابت ٿي آهي ان کان پوءِ 30 اپريل تي وسيم جمالي کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي وسيم ابڙو کي نئو ڊي ايف سي فوڊ نوشهروفيروز مقرر ڪيو ويو آهي پر 9 ڏينهن گزري ويا آهن وسيم جمالي کيس چارج ڏيڻ جي لاءِ تيار ناهي ۽ اڃان به وڌيڪ 12 سينٽرن تي مقرر فوڊ انسپيڪٽر شوڪت آرائين سان ملي ڪروڙن جي ڪرپشن ڪرڻ گهري ٿو هنن چيو ته فوڊ انسپيڪٽر شوڪت آرائين سري عام واپارين کي بارداڻو ڏئي ضلعي کان ٻاهران ڪڻڪ جي خريداري ڪرائي رهيو آهي. جڏهن ته نوشهروفيروز جا آبادگار روز خريداري سينٽرن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن پر انهن کي بارداڻو نٿو ڏنو وڃي هن کان وڌيڪ خوراڪ کاتي جي نااهلي ڪهڙي ٻڌايو هڪڙي فوڊ انسپيڪٽر شوڪت آرائين کي 12 خريداري سينٽر مليل آهن جيڪو ڪنهن به خريداري سينٽر تي موجود ناهي جڏهن ته خوراڪ کاتي نوشهروفيروز ۾ مقرر اڳوڻو ڊي ايف سي وسيم جمالي اصل ۾ خوراڪ کاتي ۾ اسسٽنٽ اڪائونٽ آهي مٿس 52 ڪروڙ جو ريفرنس نيب وٽ داخل آهي. هاڻي بدلي ٿي وڃڻ کان پوءِ غائب ٿي ويو آهي ۽ نئو مقرر ٿي آيل ڊي ايف سي رڪارڊ ملڻ کان سواءِ چارج وٺڻ کان لوائي رهيو آهي ڇو ته کيس خبر پئجي وئي آهي ته اڳوڻي ڊي ايف سي وسيم جمالي 12خريداري سينٽرن مٿان مقرر شوڪت آرائين سان ملي ڪروڙن جي ڪرپشن ڪئي آهي ان ڪري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کان مطالبو ٿا ڪريون ته وسيم جمالي ۽ شوڪت آرائين کي گرفتار ڪري پوءِ وڌيڪ جاچ ڪئي وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشھروفيروز
فوڊ انسپيڪٽر
0 تبصرے