سعودي عرب مان پسند جي پرڻي لاءِ پاڪستان پهتل عرب ناري لاڙڪاڻي مان مبينا مڙس سوڌو گرفتار

سعودي عرب مان پسند جي پرڻي لاءِ پاڪستان پهتل عرب ناري لاڙڪاڻي مان مبينا مڙس سوڌو گرفتار

سعودي عرب مان پسند جي پرڻي لاءِ پاڪستان پهتل عرب ناري لاڙڪاڻي مان مبينا مڙس سوڌو گرفتار

لاڙڪاڻو: پسند جو پرڻو ڪندڙ سعودي واسڻ عورت لاڙڪاڻي پهتي، سعودي سفارتخاني جي درخواست تي اغوا ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ اسلام آباد ۽ لاڙڪاڻو پوليس گڏيل ڪارروائي دوران عورت ۽ پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان کي گرفتار ڪري ورتو، اسلام آباد ۽ لاڙڪاڻو پوليس گڏيل ڪاروائي ڪري سعودي عرب مان مبينا اغوا ٿيل عورت کي بازياب ڪرائي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، اسلام آباد پوليس جوابدار ۽ عورت کي پاڻ سان کڻي اسلام آباد رواني ٿي وئي آهي ان حوالي سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو روحل خان کوسو جو چوڻ هو ته اسلام آباد پوليس اطلاع ڪيو ته سعودي عرب جي عورت اغوا ٿي آهي جنهن ۾ اغوا ڪندڙ جوابدار ۽ عورت لاڙڪاڻي ۾ آهن جنهن کان پوءِ اسلام آباد پوليس لاڙڪاڻي پهتي ته جيوفينسنگ ۽ لوڪيشن جي بنياد تي اسلام آباد پوليس ۽ لاڙڪاڻو پوليس رحمت پور ٿاڻي جي حد ۾ ڪاروائي ڪري عورت ۽ اغوا ڪندڙ نوجوان کي گرفتار ڪرڻ بعد اسلام آباد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي پوليس ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته سعودي عرب جي عورت حنان عبدالله البشر ۽ نوجوان عبدالواحد شاهد خان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو آهي، پوليس ڪاروائي دوران عورت وٽان 30 هزار ريال جي رقم به هٿ ڪري ورتي آهي. واضع رهي ته گذريل 18 اپريل تي اسلام آباد جي مارگلا ٿاڻي تي سعودي عرب جي سفارتڪار بدرالحريبي جي فرياد تي سعودي عرب جي رهواسڻ حنان عبدالله البشر جي اغوا جو ڪيس پاڪستاني نوجوان عبدالواحد شاهد خان مٿان داخل ڪرايو ويو هو جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جوابدار عبدالواحد شاهد خان اسلام آباد جي علائقي ٿاڻي مارگلا سيڪٽر ايف 8 مان سعودي عرب شهري حنان عبدالله البشر کي اغوا ڪيو آهي جنهن ڪري استدعا آهي ته جوابدار کي جلد کان جلد گرفتار ڪري مغوي عورت کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ جوابدار کي واقعي جي قرار سزا ڏني وڃي. اهڙو ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ اسلام آباد جي پوليس لاڙڪاڻو پوليس سان رابطو ڪيو ۽ اسلام آباد پوليس جي لاڙڪاڻي پهچڻ تي اسلام آباد پوليس ۽ لاڙڪاڻو پوليس گڏيل ڪاروائي ڪري جوابدار ۽ مغوي ڄاڻايل عورت کي بازياب ڪرائي ٻنهي ڄڻن کي اسلام آباد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو جيڪي ٻنهي ڄڻن کي کڻي اسلام آباد روانا ٿي ويا آهن.