ڪوٽ غلام محمد ويجھو بحالي جي منصوبي تي ڪم ڪندڙ مزدورن ۾ اجورو ڏيڻ جي تقريب منعقد

ڪوٽ غلام محمد ويجھو بحالي جي منصوبي تي ڪم ڪندڙ مزدورن ۾ اجورو ڏيڻ جي تقريب منعقد

ڪوٽ غلام محمد ويجھو بحالي جي منصوبي تي ڪم ڪندڙ مزدورن ۾ اجورو ڏيڻ جي تقريب منعقد

ڪوٽ غلام محمد (رپورٽر) ڪوٽ غلام محمد ويجھو ڳوٺ گل محمد ھاليپوٽو ۾ سماجي تنظيم اين آر ايس پي طرفان سنڌ فلڊ ايمرجنسي ريھيبليٽيشن پراجيڪٽ تحت رستن جي ٻيھر بحاليء واري اسڪيم ۾ مزدوري ڪندڙ ڳوٺاڻن کي اجورو ڏيڻ جي سلسلي ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي ـ تقريب کي خطاب ڪندي پ پ تعلقي صدر حاجي رفيق ڀرڳڙي ـ مريد ھاليپوٽو ـ سنڌ حڪومت جي لائيليووڊ آفيسر شرجيل ميمڻ ـ ڊسٽرڪٽ انچارج ثمينا بانو ـ يونٽ انچارج ڪامران سھتو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ورلڊ بئنڪ ۽ سنڌ حڪومت طرفان ڪوٽ غلام محمد تعلقي اندر ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ڳوٺن جي ٻيھر بحاليء لاء پراجيڪٽ شروع ڪرائڻ وقت جي ضرورت ھئي ـ پراجيڪٽ تحت نه رڳو ڳوٺن جا رستا بحال ٿيا آھن پر گڏوگڏ ڳوٺ جي ماڻھن ان ۾ پاڻ مزدوري ڪئي آھي ـ جن کي پنھنجو اجورو پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ ڏنا ويا آھن ـ گذريل ٻوڏ دوران ڪيترائي ڳوٺ متاثر ٿيا ـ جن ۾ چوپايو مال مري ويو ـ فصل تباھ ٿيا ـ روزگار بند ٿيو ـ انهن ڳوٺاڻن کي روزگار جو موقعو پڻ فراھم ڪيو ويو ـ ھن پراجيڪٽ ۾ حصو وٺندڙن جي ڪا به ڪٽوتي نه ٿي ڪئي وڃي ـ تقريب ۾ ريجنل پروگرام آفيسر اين ايم چانڊيو ـ امبرين سومرو ـ ريما لطيف ـ ڊسٽرڪٽ انجنيئر شاھزيب جميل ـ ڪامريڊ مانو مل ڪولھي ـ سيد احصار شاهه ـ ڪرمڻ سنڌي ـ آڪاش ميگھواڙ ـ چيتن ڪمار ـ فرحت جاويد ـ افشان مھر ـ لطيف سولنگي ـ فخر ميرجت ـ عابد سميجو ـ شاھنواز ھاليپوٽو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي ـ آخر ۾ مختلف ڳوٺن کان آيل مزدورن کي رقم پڻ جاري ڪئي وئي ـ ـ