ايوان زراعت سنڌ پاران گذريل نگران وفاقي سرڪار پاران ارسا ايڪٽ ۾ ڪيل ترميمي آرڊيننس غيرآئيني ۽ غير قانوني قرار

ايوان زراعت سنڌ پاران گذريل نگران وفاقي سرڪار پاران ارسا ايڪٽ ۾ ڪيل ترميمي آرڊيننس غيرآئيني ۽ غير قانوني قرار

ايوان زراعت سنڌ پاران گذريل نگران وفاقي سرڪار پاران ارسا ايڪٽ ۾ ڪيل ترميمي آرڊيننس غيرآئيني ۽ غير قانوني قرار

حيدرآباد(بيورو) ايوان زراعت سنڌ نگران وفاقي سرڪار پاران ارسا ايڪٽ ۾ ڪيل ترميمي آرڊيننس کي غيرآئيني غير قانوني ۽ آئين سان ٽڪراءُ قرار ڏئي ڇڏيو، نگران سرڪار جو فيصلورد، صدر مملڪت، وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ سنڌ کي فوري طور تي گذريل نگران سرڪار خلاف اختيار اورانگهي گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي نظر انداز ڪرڻ واري قدم کڻڻ تي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ايوان زراعت سنڌ جو اجلاس صدر سيد ميران محمد شاھ جي صدارت ۾ ھيڊڪوارٽر حيدرآباد ۾ ٿيو اجلاس ۾ ايوان زراعت سنڌ جو جنرل سيڪريٽري زاهد حسين ڀرڳڙي، نبي بخش سٺيو، خادم حسين بهراڻي، الطاف حسین شاھ، مير عبدالڪريم ٽالپر، غلام حسن چاچڙ، مراد علي نظاماڻي، وفا لطيف جوکيو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا گذريل نگران وفاقي حڪومت پنهنجا اختيار اورانگهيندي ارسا ايڪٽ ۾ ارسا چيئرمين جي مقرريءَ جي طريقيڪار کي تبديل ڪري مقرريءَ جو اختيار وزيراعظم کي ڏئي ڇڏيو آهي، پراڻي ارسا ايڪٽ تحت ارسا چيئرمين جي مقرري روٽيشن تحت چئني صوبن ۾ ٿيندي هئي.گذريل نگران سرڪار کي ڪنھن به آئيني ايڪٽ ۾ ڪابه ترميم ڪرڻ جو اختيار نه هو، اھو اختيار صرف عوام جي چونڊيل پارليامينٽ، حڪومت ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي هوندو آھي،ارسا ايڪٽ ۾ ڪابه ترميم ڪرڻ کان اڳ چونڊيل حڪومت سڀ کان پھريان گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ ايجنڊا کڻي ايندي آھي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير پنهنجو موقف پيش ڪندا آهن ۽ متفقه طور قرارداد پاس ٿيڻ بعد ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري ان کي قومي اسيمبلي مان پاس ڪرايو ويندو آهي.ان لاءِ گذريل نگران حڪومت ۾ ارسا ايڪٽ ۾ ڪيل ڦير ڦار کي رد ڪيون ٿا ۽ صدر مملڪت، وزير اعظم پاڪستان ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان مطالبو آهي ته ارسا ايڪٽ ۾ ڪيل غيرقانوني ترميم کي بنا دير رد ڪري ان تي عمل کي روڪيو وڃي. ڄاڻايل قدم سان خاص طور سنڌ کي پاڻي جي حصي ۾ تمام گھڻو نقصان پھچندو. ان ڪري سنڌ اسيمبلي به اھڙي ترميمي ارسا ايڪٽ کي غيرآئيني قرار ڏيڻ جي لاءِ قرارداد پاس ڪري رد ڪري. 2 لک ميٽرڪ ٽن يوريا ڀاڻ امپورٽ ڪيو ويو هو، جيڪو اڃا تائين شهدادپور جي گدامن ۾ پيل آهي،امپورٽ ٿيل ڀاڻ ۾ سنڌ جو 52 هزار ميٽرڪ ٽن يوريا ڀاڻ جو حصو ٿئي ٿو پر اهو امپورٽيڊ ڀاڻ هن وقت تائين سنڌ جي آبادگارن کي فراهم ناهي ڪيو ويو،يوريا ڀاڻ جي سرڪاري ڪنٽرول قيمت 3652 رپيا في ٻوري آهي پر بليڪ مارڪيٽنگ تي 6500 رپيا في ٻوري وڪرو ٿي رهيو آهي،يوريا ڀاڻ ڊيلر مافيا هن وقت تائين آبادگارن کان يوريا ڀاڻ جي مد ۾ 50 ارب رپين جو ڌاڙو هڻي چڪي آهي، جنهن سان سنڌ جو آبادگار سخت معاشي طور ڪمزور ٿيو امپورٽيڊ يوريا ڀاڻ جي سمورن ضلعن ۾ سرڪاري اگهه 3 هزار 652 رپيا في ٻوري جي حساب سان وڪري کي يقيني بڻايو وڃي ڪڻڪ جو امدادي اگهه گهٽ ۾ گهٽ 4500 رپيا في مڻ مقرر ڪري 20 مارچ کان صوبي ۾ ڪڻڪ خريداري جا مرڪز قائم ڪري آبادگارن کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ لاءِ کين بارداڻو فراهم ڪيو وڃي.