English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجي پاران گاجي کھاوڙ ۾ معصوم ٻارڙِي سان لڄالٽ ۽ قتل جي مذمت
views
|
10th Mar 2024
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پاران گاجي کھاوڙ ۾ معصوم ٻارڙِي سان لڄالٽ ۽ قتل جي مذمت
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي گاجي کھاوڙ مان گم ٿيل ڇھن سالن جي ٻارڙي شبيران کوسو سان لڄالٽ ۽ قتل واقعي جي مذمت ڪندي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ معصوم ٻارڙي شبيران کوسو جو قتل ۽ ساڻس لڄالٽ انتھائي وحشت ۽ درندگي جو واقعو آھي. ھن سفاڪ واقعي انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جھڪائي ڇڏيو آھي. افسوس جو مقام آھي جو معصوم ٻارڙي 3 ڏينھن کان گم ھئي، جنھن بابت پوليس کي سڀ خبر ھئي پر پوليس ڪو ايڪشن نه ورتو، جنھن ڪري بي رحم واقعو پيش آيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي جي مسلسل چوٿين حڪمراني سنڌ کي المين جي ڌرتي بنائي ڇڏيو آھي. ٿوري ٿوري وقت سان اھڙا درندگي جا واقعا پيش اچن ٿا جو ماڻھن جا لڱ ڪانڊارجو وڃن. سنڌ کي معصوم ٻارن، نياڻين جي مقتل گاھ بنايو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پنجاب ۽ خيبر پختونخواھ جي حڪومتن ۾ انتظامي ۽ ترقياتي منصوبن جو مقابلو آھي ۽ سنڌ ۾ ڪرپشن، ڏوھن، اغوائن، ڦرن ۽ ماڻھن کي فقير بنائڻ جو مقابلو ھلي رھيو آھي. امن، ترقي، خوشحالي آڻڻ جھڙو ڪو به منصوبو نظر نٿو اچي. اياز لطيف پليجي چيو تہ حادثن سبب اسپتالن ۾ پھچندڙ زخمين جي علاج جا بندوبست ناھن. سرڪاري اسپتالن ۾ صحت جون بنيادي سھولتون ناھن. روڊ تباھ آھن. مھانگائي ايتري وڌي وئي آھي جو غريب ماڻھو 2 وقت جي ماني لاءِ پريشان آھن. به بجلي، گئس، پئٽرول تمام گھڻا مھانگا آھن، جنھنڪري ھر شئي مھانگي ٿي وئي آھي. حڪومت جي عوام دشمن ڪارڪردگي جي ڪري ملڪ انارڪي طرف ڌڪجي رھيو آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سندھ میں ڈینگی اور وائرسز کا بڑھتا حملہ......
23rd Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
اسٽيل ملز ملازمن جا وکري ويل خواب ۽ زوال جو شڪار اجڙي ويل گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون جا رھواسي ..!!
23rd Oct 2025
•
سندھ
سلمان اکرم راجہ سے رانا محمد اعظم کی ملاقات،سیاسی و تنظیمی امور پر تبادلہ خیال
23rd Oct 2025
•
دنیا
صدر ڈونلڈ ٹرمپ نے خبردار کیا ہے کہ اگر اسرائیل نے مقبوضہ مغربی کنارے کو ضم کرنے کی کوشش کی تو وہ امریکا کی حمایت سے ہاتھ دھو بیٹھے گا۔
23rd Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سندھ میں ڈینگی اور وائرسز کا بڑھتا حملہ......
23rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ رمضان موروجو واسين جو احتجاجي مظاهرو
23rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ منشيات جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو
23rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ڏيڍ سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
گاجي کھاوڙ
اياز لطيف پليجي
حيدرآباد
شبيران کوسو
لڄالٽ ۽ قتل
0 تبصرے