قمبر ۾ تقريب دوران چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ سسئي لوھار کي گھرائي سندس دانھن ٻڌي، انصاف جي خاطري

قمبر ۾ تقريب دوران چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ سسئي لوھار کي گھرائي سندس دانھن ٻڌي، انصاف جي خاطري

قمبر ۾ تقريب دوران چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ سسئي لوھار کي گھرائي سندس دانھن ٻڌي، انصاف جي خاطري

قمبر (رپورٽر) سنڌ هاء ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي قمبر جي ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ پهچي ڊسٽرڪٽ بار قمبر جي نون چونڊيل عهديدارن کي حلف کڻايو ان سلسلي ۾ حلف برداري تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ضلعي جي مختلف تعلقن مان وڪيلن شرڪت ڪئي تقريب ۾ ڊي سي ۽ ايس ايس پي قمبر پڻ شرڪت ڪئي، ڊسٽرڪٽ بار قمبر جي صدر منير احمد کهاوڙ خطاب ڪندي چيو تہ ڊسٽرڪٽ بار کي جيڪي سهولتون ملڻ گهرجن اهي اڃان تائين نہ ملي سگهيون آھن هن چيو تہ شھدادڪوٽ ڪورٽ جي نئين عمارت جي تعمير جو ڪم 2007 ۾ شروع ڪيو ويو پر هن وقت تائين مڪمل ٿي نہ سگهيو آھي عدالتون روينيو کاتي جي بلڊنگ ۾ ڪم ڪري رهيون آھن جڏھن تہ ميروخان تعلقي ۾ هڪ سول جج آھي اتي ٻئي سينئر سول جج جي جي بہ مقرري ڪئي وڃي جڏھن تہ ضلعي ۾ ڊسٽرڪٽ جيل بہ تعمير ٿي نہ سگهيو آھي مختلف ڪيسن جي قيدين کي لاڙڪاڻہ سينٽرل جيل کان هتي آندو ٿو وڃي هن چيف جسٽس کي اپيل ڪئي تہ قمبر ۾ ائنٽي انڪروچمينٽ ڪورٽ جو پڻ قيام عمل ۾ آندو وڃي سنڌ هاء ڪورٽ جي چيف جسٽس خطاب ڪندي چيو تہ ڪورٽس جي عمارتن جو رڪيل ڪم جلد مڪمل ڪرايو ويندو جڏھن تہ ڊسٽرڪٽ بار ۾ سهولتن جي کوٽ پڻ جلد ختم ڪرائي ويندي هن چيو تہ بار ۽ جوڊيشنري ۾ وڇوٽيون نہ هجڻ گهرجن اسان بہ توهان منجهان آھيون اسان جو ۽ توهان جو مقصد ساڳيو آھي تہ قانون جي حڪمراني هجي نصيرآباد ۾ قتل ٿي ويل استاد هدايت لوهار جي قتل ڪيس جي فريادي سندس ڌي سسئي لوهار والد جي قاتلن جي گرفتاري ۽ انصاف لاء اسٽيج تي اچي چيف جسٽس سان مخاطب ٿيندي چيو تہ منهنجي والد هدايت لوهار کي اسڪول ويندي قتل ڪيو ويو 20 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس قاتلن کي گرفتار نہ ڪري سگهي آھي سي سي ٽي وي فٽيجز ۾ بہ قاتل نظر اچي رهيا آھن تنهن باوجود انهن کي قانون جي گرفت ۾ نہ آندو ويو آھي هن چيو تہ منهنجي پي جو قتل ذاتي نہ پر اسٽيٽ جو قتل آھي منهنجي والد کي طاقتور ڌرين ڪيو آھي اڳ بہ منهنجي والد کي کنڀيو ويو هو، جنهن تي چيف جسٽس کيس چيو تہ قانون کان ڪو بہ مٿانهون نہ آھي توهان جي والد جي قتل ۾ ملوث سمورا جوابدار گرفتار ٿيندا ۽ توهان کي ضرور انصاف ملندو