ڏوڪري ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اميدوار جون اليڪشن سرگرميون جاري

ڏوڪري ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اميدوار جون اليڪشن سرگرميون جاري

ڏوڪري ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اميدوار جون اليڪشن سرگرميون جاري

ڏوڪري(رپورٽر) تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اين اي 195 اميدوار حافظ شوڪت علي جتوئي چيو آهي ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان واحد پارٽي آهي جيڪا آقا محمد مصطفي ﷺ جن جي خلاف گستاخي ڪندڙ خلاف جدوجهد ڪري رهي آهي اهڙو اظهار هن ڪالھ ڏوڪري جي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اين اي 195 تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي پليٽ فارم تان چونڊ وڙهي رهيو آهي ۽ مون کي ۽ اسان جي ماڻهن کي مسلسل ڌمڪيون ملي رهيون آهن اسان ڪنهن کان ڊڄڻ وارا ناهيون. هن وڌيڪ چيو ته اسان مقصد ملڪ ۾ خوشحالي بهتري آڻڻ، غريب مسڪين ماڻهن کي پنهنجا حق وٺرائي ڏيڻ، ملڪ مان منشيات جو خاتمو آڻي نوجوان نسل کي بچائڻ سان گڏوگڏ سنت آقا محمد مصطفي ﷺ آڻڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته قمبر ۾ گذريل جمع تي درگاھ حسين آباد ۾ سائين نصرﷲ شاھ بخاري پڻ حمايت ڪندي چيو آهي ته ووٽ يارسول ﷲ ﷺ جن جو آهي، يارسول ﷲ ﷺ جن جا نعرا ۽ منشور تحريڪ لبيڪ پاڪستان وٽ آهي ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان رسالت جو دفاع ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته عوام کي به گهرجي تہ ووٽ ضمانت آهي ۽ ڪنهن جي ضمانت کڻي رهيا آيو، جنهن کي ووٽ ڏئي رهيا آيو آهي توهان جي فڪر تي لهي سگهن ٿا، اهي توهان کي حق وٺي ڏئي سگهن ٿا ڪڏهن نه اهي هتان جي عوام کي وڪرو ڪري پنهنجا مقصد حاصل ڪندا آهن بهتر اهو ته اين اي 195 جو عوام تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اميدوار جي ضمانت کڻي لبيڪ يارسول ﷺ جا نعرا هڻندڙن ۽ ملڪ ۾ خوشحالي آڻيندڙ کي اڪثريت سان ڪامياب ڪن. هن اين اي 195 ۽ پي ايس 13 جي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته 8 فيبروري تي ڪرين تي ٺپو هڻي اڪثريت سان ڪامياب ڪري مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ڏيندو.