سجاول جي مدرسہ دارالفيوض القاسميه ۾ ختم بخاري جي تقريب منعقد

سجاول جي مدرسہ دارالفيوض القاسميه ۾ ختم بخاري جي تقريب منعقد

سجاول جي مدرسہ دارالفيوض القاسميه ۾ ختم بخاري جي تقريب منعقد

سجاول(رپورٽر )ھر سال جيان ھن سال به ختم بخاري جي تقريب، مدرسہ دارالفيوض القاسميه ۾ ٿي گذري جنھن ۾ 90 عالمن ۽30 حافظن پنھنجي تعليم مڪمل ڪئي تقريب ۾ بلوچستان.خيبر پختون خواہ. بدين. مٽياري،سجاول،سميت مختلف شھرن مان هزارن جي تعداد ماڻھن شرڪت ڪئي، تفصيل موجب.ھر سال وانگر ھن سال به سجاول مدرسه دارالفيوض القاسميا ختم بخاري جي تقريب ٿي گذري جنھن ۾ 90 عالم ۽ 30 حافظن کي پڳ ٻڌرائي وئي تقريب کي پري کان آيل عالمن خطاب ڪيو جنھن ۾ مولانا غلام محمد سومرو. مولانا گل حسن زئور. مولانا خان محمد پٺاڻ. مولانا محمد اسماعيل قاسمي. جڏهن ته سنڌ جي مشھور نعت خوان حاجي امداد الله ڦل پوٽو پڻ خصوصي شرڪت ڪئي تقريب جو آخري سبق ۽ دعا ولي ابن ولي مولانا محمد صالح الحداد جن ڪرڻ فرمائي تعليم مڪمل ڪندڙ عالمن ۽ حافظن کي تعليمي صنعت ڪتاب ۽ روڪ رقم انعام طور ڏنا ويا.آخر ۾ ملڪ جي سلامتي جي لاء خصوصي دعا پڻ گھري وئي،