سنڌ جو عوام صوبي کي تباھي کان بچائڻ لاءِ پيپلز پارٽي کي رد ڪري: سيد زين شاھ

سنڌ جو عوام صوبي کي تباھي کان بچائڻ لاءِ پيپلز پارٽي کي رد ڪري: سيد زين شاھ

سنڌ جو عوام صوبي کي تباھي کان بچائڻ لاءِ پيپلز پارٽي کي رد ڪري: سيد زين شاھ

قاضي احمد (رپورٽر) قاضي احمد جي يونين ڪائونسل منهڙو ۾ جي ڊي اي NA_208 جو اميدوار ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاھ منهڙو جي مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻين بعد وڏي ڪافلي جي صورت ۾ منهڙو پريس ڪلب پهتو ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاھ خطاب ڪندي چيو ته ملڪ کي هن بحران ۾ پهچائڻ وارين پارٽين مان پيپلز پارٽي سڀ کان اڳڀري پارٽي رهي آهي جنهن بد انتظامي ۽ بي ايماني جا رڪارڊ قائم ڪري پاڪستان کي تباهي هيٺ آندو آ هنن سنڌ کي لٽڻ کانپوء سنڌ کي وڪڻڻ شروع ڪيو آهي هي وقت آهي هنن ظالمن کان حساب وٺڻ جو هن منهڙو جي عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته مان شڪرگذار آهيان اوهان ڀائرن ۽ ڀينرن جو جن 2018 واري اليڪشن ۾ هزارن جي تعداد ۾ مونکي ووٽ ڏنو جيترا ووٽ سڪرنڊ وارن ڏنا اوترائي ووٽ تعلقي قاضي احمد وارن ڏنا هن وڌيڪ چيو ته اسان قومي ڪارڪن ڪڏهن به ماٽ ڪري ناهيون ويٺا هر محاظ تي پنهنجي جدوجهد ڪندا رهندا آهيون هن وقت GDA پير صاحب پاڳاري جي سربراهي ۾ قائم آهي ان ۾ اسان تي اعتماد ڪندي قومي اسيمبلي NA_208 تي مونکي ۽ صوبائي اسيمبليPS_39 تي عارف نياز آرائين کي منتخب ڪيو آهي, هتي منهڙو ۾ ايريگيشن جو اهم مسئلو آهي شاخن کي دڪا لڳل آهن ماڻهن کي پاڻي نٿو ڏنو وڃي برسات وسي ٿي ته پاڻي نيڪال نٿو ٿي سگهي ۽ بجلي مان ته سمجهان ٿو ته منهڙو جي 8 سالن جي ٻار کي اها خبر به نه هوندي ته بجلي به ڪا شي ٿيندي آ هاڻي هن ملڪ ۾ رهو پيا پر بد انتظامي ۽ بي ايماني جي ڪري هي ڏينهن ڏسو پيا ان مان جي نڪرڻ ٿا چاهيو ته ووٽ جو صحيح استعمال ڪيو ۽ هنن بي ايمانن ۽ سنڌ دشمنن کي ڪڍي ڇڏيو هي ووٽ معمولي شئي ناهي, ان موقعي تي PS_39 جو اميدوار عارف نياز آرائين , خليفو عبدالسلام ڏاھري ۽ جي ڊي اي تعلقي قاضي احمد جو صدر سيد انور شاه لڪياري ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ ھئا