ڏوڪري ۾ گسٽا اڳواڻن ۽ بوائز ھاءِ اسڪول جي استادن جو 13ھين ڏينھن بھ احتجاج جاري

ڏوڪري ۾ گسٽا اڳواڻن ۽ بوائز ھاءِ اسڪول جي استادن جو 13ھين ڏينھن بھ احتجاج جاري

ڏوڪري ۾ گسٽا اڳواڻن ۽ بوائز ھاءِ اسڪول جي استادن جو 13ھين ڏينھن بھ احتجاج جاري

ڏوڪري(اظهر ميمڻ) ڏوڪري ۾ گسٽا اڳواڻن ۽ بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ جي استادن پاران تيرهين ڏينهن به احتجاج جاري رکيو. بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ جي ھيڊماستر نثار احمد سولنگي، قاضي عقيل احمد جوڻيجو، عبدالغفور زهراڻي، اعجاز احمد سوهو ۽ ٻين پاران تيرهين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو تعليم دشمن ڊي اي او گلبهار مگسي تعليم دشمن آهي، سندس جي مقرري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ تعليم کي تباھ ڪرڻ لاءِ ڪئي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير ڊي اي او گلشير مگسي کي هٽايو وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو. هوڏانهن احتجاج ۾ باڊھ، گابر مسڻ، دڙا، عثمان ڪلهوڙو، سيهڙ، ويهڙ، ٽاٽڙي، ڪاراڻي، موهن جو دڙو، ٻلھڙيجي، جاجي حال بخش شيخ، عبدالڪريم انڙ ۽ ٻين اسڪولن جي استادن شرڪت ڪئي.