ڪراچي جي پي ايس 98 تي پ پ پاران حاڪم علي جسڪاڻي کي ٽڪيٽ جاري

ڪراچي جي پي ايس 98 تي پ پ پاران حاڪم علي جسڪاڻي کي ٽڪيٽ جاري

ڪراچي جي پي ايس 98 تي پ پ پاران حاڪم علي جسڪاڻي کي ٽڪيٽ جاري

گڏاپ(محمد علي خاصخيلي) ڪراچي جو تڪ پي ايس 98 اھميت اختيار ڪري ورتي۔ پيپلزپارٽيء حاڪم علي جسڪاڻي کي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي۔ پ پ اميدوار حاڪم علي جسڪاڻيء جي حمايت ۾ اضافعو۔ پي ايس 98 تي نامينيشن فارم ڀرائيندڙ تاج محمد وساڻ ۽ نوجوان اميدوار عنايت الله مارفاڻي پاران حاڪم علي جسڪاڻيء جي حق ۾ آر او آفيس ۾ اچي ھٿ کڻي ويا۔اميدوار پاران ورڪ مھم تيز۔ منهنجي حق ۾ ھٿ کڻندڙ اميدوارن جيڪو اعتماد ڪيو آهي ان تي پورو لھڻ جي ڪوشش ڪندس: حاڪم علي جسڪاڻي۔ تفصيل موجب پي ايس 98 تي پاڪستان پيپلزپارٽيء پاران نامزد اميدوار حاڪم علي جسڪاڻيء کي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي۔ پيپلزپارٽيء جي قيادت جون ڪوششون رنگ لائڻ لڳيون۔ھن تڪ تي ڪيترائي نامينيشن فارم ڀرائيندڙ اميدوار حاڪم علي جسڪاڻي جي حق ۾ ھٿ کڻڻ لڳا۔ آر او آفيس پھچي درخواست ڏئي تاج محمد وساڻ ۽ نوجوان اميدوار عنايت مارفاڻي حاڪم علي جسڪاڻي جي حق ۾ ھٿ کڻي ورتو۔ ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي حاڪم جسڪاڻيء چيو ته منهنجي مٿان اعتماد ڪندڙ اميدوار اسان جي مضبوط طاقت آهن ھي دوست پاڪستان پيپلزپارٽيء سان محبت ڪندڙ آهن کين ڪڏهن به مايوس ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ اسان اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي عوام جي اڳ کان به وڌيڪ خدمت ڪنداسين۔ جڏهن ته حاڪم علي جسڪاڻي جي حق ۾ ھٿ کڻندڙ اميدوار تاج محمد وساڻ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي ۽ ھن ڀيري اسان سڀ پ پ جا ورڪر گڏجي پي ايس 98 تي نامزد پ پ اميدوار حاڪم علي جسڪاڻي ۽ اين اي 235 جي اميدوار آصف خان کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرائينداسين۔ جڏهن ته نوجوان اميدوار عنايت مارفاڻيء چيو ته آئون پنهنجي برادري ۽ مونکي سپورٽ ڪندڙ چنو۔ سولنگي۔ ڀٽو۔ جوڻيجو ۽ ٻين برادرين سميت حاڪم علي جسڪاڻي جي مڪمل حمايت ڪريان ٿو اليڪشن ۾ مخالف پارٽين جي اميدوارن کي وڏي ليڊ سان شڪست ڏينداسين۔ ان موقعي تي لياقت لھر بليدي۔ محمد يعقوب سولنگي ۔ سرور ڀٽو۔ سلمان وساڻ ۽ ٻيا پڻ موجود ھيا۔