ڪراچي جي پي ايس 98 جي پ پ اميدوار حاڪم علي جسڪاڻي جون چونڊ سرگرميون جاري

ڪراچي جي پي ايس 98 جي پ پ اميدوار حاڪم علي جسڪاڻي جون چونڊ سرگرميون جاري

ڪراچي جي پي ايس 98 جي پ پ اميدوار حاڪم علي جسڪاڻي جون چونڊ سرگرميون جاري

ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي پي ايس 98 تڪ تي ايم پي اي جي اميدوار حاڪم علي جسڪاڻي پنھنجي تڪ ۾ برادري جي چڳن مڙسن سان ملاقاتون تيز ڪري ڇڏيون. مختلف علائقن ۾ ڪارنر گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي. ڪارنر گڏجاڻي ۾ پھچڻ تي ڳوٺاڻن پاران پ پ اميدوار جو جيئي ڀٽو جيئي بلاول ڀٽو زرداري جي پرجوش نعرن سان شاندار استقبال ڪيو. پيپلز پارٽي عوام ۽ پٺتي پيل طبقن جو طاقتور آواز آهي، عوام جي مسئلن جو عملي حل پيپلزپارٽي جي منشور ۾ شامل آهي. حاڪم علي جسڪاڻي تفصيل موجب. ڪراچي پي ايس 98 صفوران ٽائون جي گبول ڳوٺ ۾ پارٽي ورڪرن، ھمدردن ۽ علائقي جي معززين علي رضا گبول. راحت بيي پاران ڪوٺايل ڪارنر گڏجاڻي م شرڪت ڪئي. جڏھن ته اوکھائي ميمڻ جي مختلف ڪميونٽين سان پڻ گڏجاڻيون ڪيون. ميمڻ برادري پاران پ. پ پارٽي جي اميدوارن جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو. ماروئڙا ڳوٺ جي چپل سن سٽي جي رھواسين سان ملاقات ڪئي جتي رھواسين پاران مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو ويو. يوسي پنج ۾ غلام مصطفي برفت ويلفيئر ڪميٽي پاران ڪوٺايل گڏجاڻي ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي حاڪم علي جسڪاڻي چيو ته 40 سالن کان اقتدار ۾ رهندڙ پارٽين ڪراچي جي عوام جي ڪا به خدمت ناهي ڪئي، پي ايس 98 جي عوام شعور رکندڙ آھي جيڪا پراڻن چھرن کان چڱي ريت واقف آھي. ڪراچي جي ڳوٺن ۾ ترقياتي ڪم پاڪستان جي دور حڪومت ۾ ٿيا آھن. جنھن جو تازو مثال بلدياتي اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿيا. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پيپلزپارٽي جا ميئر چونڊجي آيا آھن. ھن ڀيري عوام جي ووٽ جي طاقت سان ڪامياب ٿي عوام جا مسئلا ترجيح بنيادن تي حل ڪنداسين. اسان جا دروازا ھميشه عوام لاء کليل رھندا. ھن چيو ته پي ايس 98 ۾ صحت. تعليم. نوجوانن جي لاء سکيا سينٽر قائم ڪنداسين. نوجوانن کي روزگار جا موقعيا فراھم ڪنداسين. ان موقعي تي لياقت بليدي. حسين بخش ناريجو. سيد اڪبر شاھ ڪاظمي. محمد سلمان جسڪاڻي. محسن جسڪاڻي ۽ ٻيا پڻ موجود ھيا.