مورو ۽ ڀرپاسي گئس جي بندش ۽ ڳرا بل اچڻ خلاف رھواسين جو احتجاجي مظاھرو

مورو ۽ ڀرپاسي گئس جي بندش ۽ ڳرا بل اچڻ خلاف رھواسين جو احتجاجي مظاھرو

مورو ۽ ڀرپاسي گئس جي بندش ۽ ڳرا بل اچڻ خلاف رھواسين جو احتجاجي مظاھرو

مورو(جاني جماڻي) مورو شھر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ گئس مڪمل بند گھريلو صارفين سخت پريشاني کي منھن ڏيڻ تي مجبور ٻئي پاسي مورو شھر جي غريب عوام تي گئيس انتظاميا پاران ھٿرادو بلن ۾ واڌ ڪري عوام جون دانھون ڪڊرائي ڇڏيون خبر موجب مورو شھر ۾ گئيس اڻلڀ ۽ ناياب ٿي ويو گئيس انتظاميا ۽ انجنئر عوام مٿان غير قانوني ۽ اضافي بل اماڻي ڇڏيا جنھن بعد مورو شھر جا سوين شھري مرد توڙي عورتون بل ھٿن ۾ کڻي مورو سوئي گئيس آفيس پھتا جتي آفيس عملو غائيب ۽ آفيسن کي تالا ھڻي ڀڄي ويو جنھن بعد مورو جي شھرين ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو آھي ت گئيس انتظاميا اسان سان ظلم ڪندي 20 کان 30 ھزارن جا ڳرا بل اماڻي اسان مٿان ظلم ڪيو آھي ھن مھنگائي جو دور ۾ اسين ايڏا ڳرا بل ڪٿان پيارينداسين جڏھن ت گئيس بلڪل بند آھي اسين ڳاٺيون ٻاري رڌ پچا ڪريون پيا مٿان وري گئيس انتظاميا ڳرا بل اماڻي اسان سان ظلم ڪيو آھي ھنن مطالبو ڪندي چيو آھي ت مورو گئيس انجنيئر ۽ سندس عملي کي ھٽايو وڃي ۽ واڌو بل واپس ڪري جائز بل ڪيا وڃن