ڪڙيوگهنور ويجهو ڪولهي ڌر جي مبينا حملي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، نينگري مرڻينگ

ڪڙيوگهنور ويجهو ڪولهي ڌر جي مبينا حملي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، نينگري مرڻينگ

ڪڙيوگهنور ويجهو ڪولهي ڌر جي مبينا حملي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، نينگري مرڻينگ

ڪڙيوگهنور (رپورٽر) ڪڙيوگهنور لڳ ڳوٺ چنيسر چانگ ۾ گاه جي معاملي تان چانگ ۽ ڪولهي برادري ۾ جهيڙي سبب 2 ڄڻا قتل 14 سالا نينگري ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقه اسپتال گولاڙچي منتقل.ايمبولينس نه هجڻ سبب ميت سوزڪي ۾ قانوني ڪاروائي لاءَ گولاڙچي اسپتال منتقل. جوابدار موقعي تان فرار پوليس طرفان جاچ جاري، ڪڙيوگهنور ٿاڻي کان 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اڄ صبح ڳوٺ چنيسر چانگ ۾ مليل ڄاڻ موجب ٻني تي ڪرشن ڪولهي ۽ حاجي پٽ درو چانگ. رمضان پٽ صوڀو چانگ ۾ جهيڙي ٿيڻ سبب لوهي اوزارن جي آزادانه استعمال سبب 30 سالاحاجي چانگ ۽ 22 سالا رمضان چانگ قتل ٿي ويا.جڏھن 14 سالا نينگري ڇتي چانگ شديد زخمي پئي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ڪڙيوگهنور جي پي پي ايڇ آء سينٽر پهچايو ويو جتان کيس نازڪ حالت ۾ تعلقه اسپتال گولاڙچي نيو ويو آھي. هوڏانهن ڪڙيوگهنور ۽ گولاڙچي پوليس ايمبولينس نه هجڻ ڪري ٻن ميت باڊين کي پوسٽ مارٽم ۽ ضروري ڪاروائي لاء تعلقه اسپتال گولاڙچي منتقل ڪري وڌيڪ معاملي جي جاچ شروع ڪري ڏني آھي جڏھن ته جوابدار جاءِ واردات تان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آھي. جڏهن ته واقعي جي اصل حقيقت معلوم ناهي ٿي سگهي , جڏهن ته فوتين جا لاش گهر پهچڻ تي سندن گهرن ۾ قهرام مچي ويو