اقليتن کي قانونسازي ذريعي بااختيار قومي ۽ صوبائي ڪميشن قائم ڪيو وڃي:اقليتي فورم

اقليتن کي قانونسازي ذريعي بااختيار قومي ۽ صوبائي ڪميشن قائم ڪيو وڃي:اقليتي فورم

اقليتن کي قانونسازي ذريعي بااختيار قومي ۽ صوبائي ڪميشن قائم ڪيو وڃي:اقليتي فورم

ڪراچي(رپورٽر)اقليتي فورم پاڪستان جي وفد پي ٽي آءِ اين اي 236 جي اميدوار عورتاڻي شعبي ڪراچي ڊويزن جي صدر فضا ذيشان سان سندس رھائشگاھ تي ملاقات ڪئي، جنھن ۾ سفينھ جاويد، سيما مھيشوري. نومي بشير ۽ وليم صادق شريڪ ھئا، ان موقعي تي اقليتي فورم پاڪستان جي وفد ايندڙ عام چونڊن ۾ اقليتن کي درپيش مسئلن ۽ انھن جي حل کي نظر ۾ رکندي پنج نقاطي مطالبا پيش ڪيا، جن ۾ اقليتن کي قانون سازي ذريعي بااختيار قومي ۽ صوبائي ڪميشن قائم ڪيو وڃي، قائد اعظم 11 آگسٽ 1947ع جي تقيرر ۾ آئين ۽ قومي ۽ صوبائي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي، ننڍي عمر جي شادي ۽ جبري مذھب مٽائڻ جي روڪ لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي، آئين جي آرٽيڪل 22 الف تي عملدر ڪيو وڃي تھ جيئين اڪثريتي مذھب جي تعليم بھ لازم نھ ھجي، اميدوار فضا ذيشان يقين ڏياريندي چيو تھ مان ۽ منھنجي پارٽي اقليبتي برادري سان گڏ جڙيل آھيون ۽ اقتدار ۾ اچڻ بعد اقليتي فورم پاڪستان جي مطالبن تي ترجيحي بنيادن تي قانون سازي ڪئي ويندي.