English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز يونين آف جرنلسٽس جو ڪنوينشن لالا اسد پٺاڻ جي صدارت ۾ ٿي گذريو
37 views
|
08th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز يونين آف جرنلسٽس جو ڪنوينشن لالا اسد پٺاڻ جي صدارت ۾ ٿي گذريو
نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز يونين آف جرنلسٽس جو ڪنوينشن پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ پي ايف يو جي مرڪزي سيڪريٽري فنانس لالا اسد پٺاڻ جي صدارت ۾ ٿي گذريو جنھن ۾ ايس يو جي جي صدر امداد بوزدار، جنرل سيڪريٽري احقر رضوي خصوصي طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سال 2024 لاءِ باڊي جو اعلان ڪيو ويو. جنھن ۾ زاھد قائمخاني صدر، شاھد سومرو نائب صدر ون، منور حسين منور نائب صدر ٽو، مظھر خاصخيلي جنرل سيڪريٽري، اياز علي سولنگي جوائنٽ سيڪريٽري ون، وقار راڄپر جوائنٽ سيڪريٽري ٽو، غلام مرتضي تڳر خزانچي، اختيار سولنگي پريس سيڪريٽري، قيوم الطاف راڄپر آفيس سيڪريٽري چونڊيا ويا. جڏھن ته 12 رڪني ايگزيڪيوٽو ڪميٽي چونڊي وئي جنهن ۾ زاھد راڄپر، سيد مبارڪ علي شاھ، اربيلو اوڏ، ميھر علي بھڻ، ظھير سومرو، امتياز علي ڀٽي، راڻا غلام سرور، سيد شوڪت علي شاھ، عبدالغفار راڄپر، عبدالوھاب لاشاري، وقار ڪونڌر، عدنان ملڪ شامل آھن. ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مرڪزي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ چيو ته وزير اعظم صحافين جي صحت ڪارڊن جو عمل روڪي ڇڏيو آھي جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي. شھيد جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ جرنلسٽس ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي 6 ھين مرحلي ۾ 13 جنوري تي سکر پريس ڪلب ۾ تاريخي صحافي ڪنوينشن گھرايو ويو آھي. ھن چيو ته اسان يحي، ايوب، ضياءَ ۽ مشرف جي مارشلائن کي منھن ڏنو پر حڪمران اھو سمجھن ٿا تي ھو قلم جي آواز دٻائي صحافين کي حراسان ڪندا پر ھاڻي اھو دور نه رھيو آھي. ان موقعي تي امداد بوزدار، احقر رضوي، زاھد قائمخاني، مظھر خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏھن ته خيرپور يونين آف جرنلسٽس جي اڪبر شاھاڻي، قربان منگي، پياس علي شاھ، بادشاھ ڀنڊ، بلاول سھتو، سليم لنڊ، ميان محمد ياسين اڄڻ خاص طور شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهروفيروز
يونين آف جرنلسٽس
0 تبصرے