سنڌ جي قديم ماڳ موھن جي دڙي تي پرڏيھي جي سياحن جي آمد جو سلسلو جاري

سنڌ جي قديم ماڳ موھن جي دڙي تي پرڏيھي جي سياحن جي آمد جو سلسلو جاري

سنڌ جي قديم ماڳ موھن جي دڙي تي پرڏيھي جي سياحن جي آمد جو سلسلو جاري

موهن جو دڙو(رپورٽر)اٽلي کان 8 ڄڻن تي مشتمل پرڏيهي سياحن جو وفد سنڌ جي قديم ماڳ موهن جي دڙي جو دورو ڪيو. اٽلي جي وفد موهن جو دڙو جي مختلف ايرياز ڊي ڪي ايريا،ايڇ آر،اسٽوپا گريٽ باٿ، ميوزم ۽ ٻيا آثار گهمي ڏٺا.ان موقعي تي اٽلي جي پرڏيهي وفد جو چوڻ هو ته موهن جو دڙو عظيم ۽ قديم تهذيبي ورثو آهي هتان جا ماڻهو هزارين سالن کان تهذيب يافتا رهيا آهن. هنن چيو تہ سنڌ جي ماڻهن سندن بهترين ضڌر ڀاءُ ڪيو آهي. جنهن عمل کان هو ڏاڍو متاثر ٿيا آهن. ان موقعي تي پرڏيهن جي سيڪورٽي سخت ڪئي وئي هئي. مقامي گائيڊ ارشاد سولنگي پرڏيهي سياحن جي وفد کي موهن جي دڙي جي تاريخ ۽ تهذيب بابت گائيڊ ڪيو.