English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
موهن جو دڙو ڀرسان ڪوڏي ڪوڏي جا مقابلا، گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي جي رانديگرن جي شرڪت
104 views
|
26th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
موهن جو دڙو ڀرسان ڪوڏي ڪوڏي جا مقابلا، گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي جي رانديگرن جي شرڪت
موهن جو دڙو(رپورٽر)موهن جو دڙو ڀرسان ڪوڏي ڪوڏي راند،گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي جي رانديگرن ۾ مقابلو،گهوٽڪي جي رانديگرن ميدان ماري ورتو،انعام تقسيم تفصيل موجب موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ ٽاٽڙي ۾ ڪوڏي ڪوڏي راند جا مقابلا ڪرايا ويا جنهن ۾ گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي جي رانديگرن جي ٻن ٽيمن ۾ زبردست مقابلو ٿيو گهوٽڪي جي رانديگرن جي ٽيم زبردست مقابلي بعد لاڙڪاڻي جي ٽيم کي شڪست ڏئي سوڀاري بڻجي وئي ڪوڏي ڪوڏي راند ۾ ٻنهي ٽيمن جي امجد کهڙو علي پنجابي ممتاز شيخ بشير کهڙو گلبهار پتافي امانت پنجابي وقار مگسي عبدالعزيز سنگهڙ غوث بخش چاچڙ ارباب حسين سنگهڙ اسد چاچڙ منصور مهر امان الله سنگهڙ ۽ ٻين رانديگرن بهترين مقابلو ڏيکاريو مئچ جي آرگنائيزر حاجي عزيز ٽاٽڙي امداد علي ٽاٽڙي حسين ٽاٽڙي ۽ ٻين کٽيندڙ ٽيم جي رانديگرن کي روڪ رقم ۽ ٻيا انعام ڏنا جڏھن ته ڪوڏي ڪوڏي راند جي ڪمپئرنگ سنڌ جي مشهور ڪمپئرنگ ذوالفقار جهتيال ڪئي ان موقعي تي آرگنائيزرن جو چوڻ ھو ته ڪوڏي ڪوڏي راند سنڌ جي مشھور راند آھي راند جي شوقينن جي دلچسپي سبب هي مئچ ڪرائي آھي هنن چيو ته رانديگرن بهترين راند جو مظاهرو ڪيو آھي راند ڏسڻ لاء آيل شوقينن چيو ته اهڙيون رانديون ٿيڻ گهرجن هنن چيو ته ڪوڏي ڪوڏي راند کي سڄي سنڌ ۾ شوقين پسند ڪندا آھن هنن چيو ته ڪوڏي ڪوڏي راند ماضي جي ڀيٽ ۾ ڳوٺن ۾ گهٽ ٿين ٿيون جنهن ڪري ڪوڏي ڪوڏي راند جا شوقين گهڻو مايوس ٿين ٿا.ان موقعي تي رانديگرن چيو ته ڪوڏي ڪوڏي راند سنڌ جي ثقافتي راند آھي پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هن راند کي سرڪاري سطح تي هٿي وٺرائڻ لاء سنڌ حڪومت پاران ڪي به قدم نٿا کنيا وڃن هنن وڌيڪ چيو ته هن راند ۾ چستي ۽ چالاڪي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو آھي اڪثر ڪري رانديگرن کي ڌڪ به لڳندا آھن پوء به هن راند جي شوق کي برقرار رکڻ لاء هي رانديون ٿي رهيون آھن هنن چيو ته سنڌ سرڪار کي گهرجي ته هن راند کي اجاگر ڪرڻ لاء رانديگرن جي سهائتا ڪئي وڃي.ان موقعي تي جي ايم جهتيال شاهنواز جهتيال معشوق ٽاٽڙي علي نواز ٽاٽڙي محمد اسلم جهتيال محمد ابراهيم جهتيال حافظ نذير ٽاٽڙي قربان علي بروهي محمد مٺل سومرو خادم جکرو دلدار ٽاٽڙي حاجي دلمراد جهتيال نبي بخش ٽاٽڙي منظور ڀٽو شاهن پتافي ۽ ٻيا موجود هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
موهن جو دڙو
ڪوڏي ڪوڏي راند،گهوٽڪي
0 تبصرے