English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي فقير ڳوٺ مان 4 ڏينھن کان گم مورو واسي نوجوان جو سڙيل حالت ۾ لاش ھٿ
233 views
|
20th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ڪراچي جي فقير ڳوٺ مان 4 ڏينھن کان گم مورو واسي نوجوان جو سڙيل حالت ۾ لاش ھٿ
گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)ڪراچي جي فقيرا ڳوٺ مان گذريل چئن ڏينهن کان گم ٿيل نوجوان ساجد عالماڻي جو تشدد کانپوءِ سڙيل لاش پوليس ھٿ ڪري ورتو. پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان پوسٽ مارٽم کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان جو لاش اباڻي ڳوٺ مورو روانو ڪيو ويو. تفصيل موجب ڪراچي جي سائيٽ سپر ھاء وي ٿاڻي جي حد فقيرا ڳوٺ مان چار ڏينهن اڳ گم ٿي ويل نوجوان ساجد عالماڻي جو تشدد ڪري سڙيل لاش پوليس ھٿ ڪري ورتو. پوليس پاران وارثن کي اطلاع ڏنو ويو. جتي نوجوان جا وارث پھچي ويا جن لاش جي سڃاڻپ ساجد عالماڻي جي نالي سان ڪئي. ان موقعي تي وارثن ٻڌايو ته پوليس فون تي اطلاع ڏنو ته لاش مليو آهي سڃاڻپ ڪريو. اسين جيئن ئي ڇيپا سرد خاني پھتاسين ته لاش اسان جي نوجوان ساجد عالماڻي جو ھيو. ظالمن اسان سان ظلم ڪيو آهي. اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي 4 ڏينهن اڳ ساجد پنھنجي گهران نڪري ويو هيو رات جو دير تائين واپس نه اچڻ تي سندس فون نمبر به بند مليو. گمشدگي جو اطلاع پوليس کي ڏنوسين پر ڪنهن به مدد ڪون ڪئي. اعلي ادارن، وزيراعلي سنڌ، آئي جي سنڌ، ڊي جي رينجرز کان مطالبو ٿا ڪريون ته قاتلن کي وائکو ڪري ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ريجنل پاسپورٽ آفيس ۾ ايف آءِ اي جو وڏو ڪريڪ ڊائون، ڪرپشن نيٽ ورڪ بي نقاب، 7 جوابدار گرفتار
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ پاڻي ۽ بجلي جو بدترين بحران، سوين رهواسي رستن تي نڪري آيا، ميمڻ ڳوٺ روڊ ۽ قومي شاهراهه تي ڌرڻا
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ تي گھمڻ لاءِ آيل نينگر ٻڏڻ بعد اسپتال نيئندي رستي ۾ فوت
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سانوڻيءَ جي موسم ۾ شجرڪاري مهم جي شروعات
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي جي فقير ڳوٺ
مورو واسي
ساجد عالماڻي
sajid almani
0 تبصرے