English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ويجھو ڳوٺ احمد ميتلا ۾ ھارين جي ڏھاڙي تي تقريب منعقد
views
|
19th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ويجھو ڳوٺ احمد ميتلا ۾ ھارين جي ڏھاڙي تي تقريب منعقد
ڏوڪري(رپورٽر) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري ۽ زرعي يونيورسٽي فيصل آباد جي تعاون سان ڳوٺ احمد ميتلا ۾ ھاري ڏھاڙو ملهائڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي.تقريب ۾ علائقي جي ھارين ۽ آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.انهي موقعي تي زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري جي اينٽامالاجي کاتي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شاهجهان راجپوت، ڪاليج جي پرنسپال ڊاڪٽر سلطان احمد ميتلو، حرا پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ جي سي او عدنان زهري، ڊاڪٽر شاھنواز کھڙو،ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ،ڊاڪٽر ھارون ھليو،ڊاڪٽر ذوالفقار عباسي،ڊاڪٽر عبدالحنان ٻرڙو،عبدالخالق سنديلو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته موسمياتي تبديلين سبب گذريل ٻن ٽن سالن زيتونن جي باغن ۾ ميلي بگ جيت فروٽ فلاءِ جو حملو ٿيو آهي جنهن باغن کي ڪافي نقصان پھچايو آهي.ھنن چيو ته زيتونن جي باغن تي مسلسل جيت مار ڦوهارو ڪرڻ سبب منفي اثر پيا آهن، ڦوهاري سبب انسان دوست جيتن جو خاتمو ۽ ماحولياتي آلودگي پڻ ٿي رهي آهي.انهي ڪري ھنن سنڌ جي زيتونن جي باعائن کي صلاحون ڏيندي چيو ته آبادگارن کي گهرجي تہ زيتونن جي ٻوٽي کي ھوا ۽ روشتي پهچائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.ميلي بگ کان بچاءَ لاءِ ٻوٽي جي ھر قطار ۾ مفاصلو ھئڻ ضروري آهي. ٻوٽن کي گندگاه کان صاف رکيو وڃي، فيبروري مارچ جي وچ دوران سيلپري ٽيپ جو استعمال ڪيو وڃي جيئن ميلي بگ سميت ٻيا نقصانڪار ڪيڙا ٻوٽي چڙهي نه سگهن. آبادگارن کي گهرجي ته بائيو ڪنٽرول ليبز سان رابطو ڪرڻ گهرجي،. جيت مار دوائن ۾ 3-4 چمچا ڊٽرجنت پائوڊر ۽ گاسليٽ ملائي استعمال ڪيو وڃي.نم جي پنن جو تيل AKK extract مهيني ۾ 3 دفعا ڏيڻ گهرجي.انهي موقعي تي ڊاڪٽر شاهجهان راجپوت چيو ته ھن وقت اسان جا ٽن ھنڌن ڳوٺ احمد ميتلا، ڳوٺ حڪيم سنديلو ۽ ماهوٽا ۾ پراجيڪٽ ۾ گذريل سال کان ھلندڙ آهي جنهن بهتر نتيجا ڏنا آهن. انهي موقعي تي شيلڊ ڏنيون ويون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
27ویں آئینی ترمیم: اتفاقِ رائے کے بغیر منظور شدہ قانون—استحکام کی جانب قدم یا نیا آئینی بحران؟
10th Nov 2025
•
پاکستان
ایف ایف سی کا بہترین کارپوریٹ اور Sustainability رپورٹ ایوارڈز کا حصول
10th Nov 2025
•
تازہ ترین
سینیٹر سیف اللہ ابڑو کا 27 آئینی ترمیم کی حمایت میں ووٹ دینے کے بعد سینیٹ سے مستعفی ہونے کا اعلان
10th Nov 2025
•
تازہ ترین
سینیٹ میں 27ویں آئینی ترمیم کی منظوری
11th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
27ویں آئینی ترمیم: اتفاقِ رائے کے بغیر منظور شدہ قانون—استحکام کی جانب قدم یا نیا آئینی بحران؟
10th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
10th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ڪورٽ ٻاهران فائرنگ، هڪ شخص زخمي، پوليس موجب واقعو گهريلو جهيڙي جو نتيجو قرار
10th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: ڪيٽي بندر ٿاڻي جي حد ۾ جهيڙي دوران نوجوان زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڏوڪري
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج
زرعي يونيورسٽي فيصل آباد
ڳوٺ احمد ميتلا
ھارين ۽ آبادگارن
0 تبصرے