English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عوام خدمت جو موقعو ڏنو ته سندس ڀرپور خدمت ڪنداسين: محمد حسين محنتي
158 views
|
25th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
عوام خدمت جو موقعو ڏنو ته سندس ڀرپور خدمت ڪنداسين: محمد حسين محنتي
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته ملڪ ۾ معاشي ۽ سياسي بحران جي ذميواري سابق حڪمران جماعتن مٿان عائد ٿئي ٿي، جن ملڪي استحڪام، معاشي ترقي ۽ عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ بدران پنهنجي ذاتي مفادن ۽ آءِ ايم ايف جي ايجنڊي جي تڪميل ڪئي جنهن جي ڪري اڄ ملڪ مهانگائي، معيشت جي تباهي ۽ دهشتگردي جو شڪار آهي، عوام 08 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ نااهل ۽ غيرن جي ايجنٽ ٽولي کي مسترد ڪري اهل، مخلص ۽ ديانتدار قيادت کي ڪامياب ڪري ته جيئن ملڪ ترقي ۽ عوامي مسئلا حل ٿي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن بهادر آباد ۾ چونڊن جي سلسلي ۾ ڪوٺايل ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن ۾ مرد توڙي عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته مهانگائي کان ويندي بدامني ۽ سيلاب متاثرين جي دادرسي تائين جماعت اسلامي ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ سگهارو آواز بڻجي رهي آهي، عوام پنهنجي ووٽ ذريعي خدمت جو موقعو ڏنو ته سندس ڀرپور خدمت ڪنداسين.#
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
آبنائے ہرمز مزید آٹھ روز تک ’’وار آپریشنز زون‘‘ قرار، شپنگ یونینز اور کمپنیوں کا اعلان
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
پاکستان نے افغانستان میں دہشت گردوں کے ٹھکانوں پر حملے سے متعلق بھارتی بیان مسترد کر دیا
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
موسمیاتی تبدیلی کے خطرات سے نمٹنے کے لیے وفاقی اور صوبائی سطح پر تعاون ناگزیر ہے: وزیراعظم
01st Jul 2026
•
سندھ
وفاق ونڈ اور سولر پاور پلانٹس لگانے کی اجازت نہیں دیتا، سندھ میں طویل لوڈشیڈنگ کی مذمت کرتا ہوں: وزیراعلیٰ سندھ

Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
جماعت اسلامي
ايم اين اي محمد حسين محنتي
0 تبصرے