English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
معذور ماڻهو نه رڳو اسان جا شهري پر اسان جو قيمتي اثاثو آهن: نگران وڏو وزير
45 views
|
22nd Dec 2023
•
سنڌي خبرون
معذور ماڻهو نه رڳو اسان جا شهري پر اسان جو قيمتي اثاثو آهن: نگران وڏو وزير
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ ويل چيئر ڪرڪيٽ ٽيم جي اعزاز ۾ تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سيڪريٽري ڊي اي پي ڊي طحه فاروقي، سينيٽر ڪشور زهرا ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير ايشيا ڪپ کٽڻ تي ويل چيئر ڪرڪيٽ ٽيم جي هر هڪ ميمبر کي هڪ لک رپيا انعام ڏيڻ ۽ کين اعزازي ميڊل پڻ ڏيڻ اعلان ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير ايشيا ڪپ کٽڻ واري ويل چيئر ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته جرئتمند ڪاميابيون نه رڳو پختي عزم پر پاڻ جي بااعتمادي جي قدرن کي پڻ اجاڳر ڪن ٿيون، آئون سمجهان ٿو ته توهان جي صلاحيتن کي ڪيترن ئي چئلينجن جي باوجود ميچ کٽيو هوندو. وڏي وزير چيو ته هن فتح توهان لاءِ خصوصي فرد Differently Abled Persons لفظ کي حقيقت بڻائي ڇڏيو آهي. وڏي وزير چيو ته معذور ماڻهو نه رڳو اسان جا شهري پر اسان جو قيمتي اثاثو آهن، اچو ته گڏجي عهد ڪريون ته ”معذور سڃاڻپ“ واري پراڻي روايتي روايت کي تبديل ڪريون. هن چيو ته اسان کي معذور ماڻهن کي سماج جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ گهرجي، سنڌ پرسنز ڊس ايبلٽيز ايڪٽ 2018ع کي ان جي اصل روح موجب لاڳو ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ حڪومت هر فرد کي برابري جا موقعا، پهچ، اهميت، روزگار ۽ قابليت کانسواءِ عزت ڏيڻ چاهي ٿي ۽ معذورن جو کاتو (DEPD) ڀرپور خدمت ڪري رهيو آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت گرانٽ جي صورت ۾ سماج ۾ بهتري آڻڻ وارن جي مدد ڪري ٿي، اچو ته اهڙو معاشرو جوڙيون جتي هر فرد پاڻ کي بااختيار محسوس ڪري. تقريب کي خطاب ڪندي سيڪريٽري ڊي اي پي ڊي طحه فاروقي چيو ته سنڌ حڪومت اسپيشل ٻارن لاءِ ڪيتريون ئي اسڪيمون شروع ڪيون آهن ۽ گلستان جوهر سينٽر ۾ جم سينٽر قائم ڪري رهي آهي. آخر ۾ وڏي وزير ايشيا ڪپ کٽيندڙ ويل چيئر ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن ۾ هڪ هڪ لک جا چيڪ ۽ ميڊل ورهايا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
غربت ۽ بيروزگاري، جنھن سان زندگي زھر بڻجي ٿِي!
22nd Dec 2025
•
دنیا
مکہ مکرمہ میں منشیات اسمگلنگ، دو پاکستانی شہریوں کو سزائے موت دے دی گئی
22nd Dec 2025
•
پاکستان
پی آئی اے کی نجکاری کا اہم مرحلہ، 75 فیصد شیئرز کی بولی کل ہوگی
22nd Dec 2025
•
تازہ ترین
بنگلادیش میں جماعتِ اسلامی کی کامیابی کے لیے دعا گو ہیں: خواجہ سعد رفیق
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ملز سيڪيورٽي عملدارن هٿان مارجي ويل نوجوان ٻئي عملدارن خلاف داخل ڪيس جي ڪاپي
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ ايس ايڇ او افتخار باجوا جي معطلي بعد محمد حسين جٽ ايس ايڇ او مقرر
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو، مڪلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊمپر ۽ ٽرڪ حادثن ۾ اضافو
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ابراهيم حيدري ٽائون آفيس ڀرسان رزاق آباد جو غريب آباد پارڙو مسئلن جي ور چڙهيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر
ويل چيئر ڪرڪيٽ ٽيم جي اعزاز
0 تبصرے