English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي جي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن جي ڪراچي ۾ متحدھ اڳواڻن سان ملاقات
122 views
|
21st Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ٺٽي جي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن جي ڪراچي ۾ متحدھ اڳواڻن سان ملاقات
ٺٽو(شفيق ڀٽي) ٺٽي جي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن گذريل ڏينهن ايم ڪيو ايم جي مرڪز پاڪستان هائوس ڪراچي پهچي ايم ڪيو ايم جي سنيئر ڪنوينر سيد مصطفا ڪمال سابق ايم پي اي اشفاق منگي رعنا انصار ۽ ٻين سان ملاقات ڪري ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي ان سلسلي ۾ ٺٽي جي PS-75 جي متحرڪ اميدوار عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي صدر بلاول سمون پنهنجي ڪيترن ئي ساٿين سان گڏ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز پاڪستان هائوس ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن ايم ڪيو ايم جي مرڪزي اڳواڻن فاروق ستار سيد مصطفا ڪمال عبدالوسيم رعنا انصار سابق رڪن سنڌ اسيمبلي اشفاق منگي ۽ ٻين ايم ڪيو ايم جي مرڪزي اڳواڻن سان اهم ملاقاتون ڪيون جنهن دوران ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن جي موجودگي ۾ ايم ڪيو ايم شموليت پڻ اختيار ڪئي شموليت واري تقريب کي ايم ڪيو ايم جي سنئير ڪنوينر مصطفا ڪمال ۽ سابق رڪن سنڌ اسيمبلي اشفاق منگي خطاب پڻ ڪيو ان دوران سيد مصطفا ڪمال چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه سنڌ دشمن پاليسين تحت سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي آهي هن چيو ته بلاول ڀٽو ملڪ جو وزيرعظم ٿيڻ جو خواهشمند آهي پر اها سندس خواهش ناممڪن آهي هن چيو ته پيپلزپاٽي پنڌرنهن سالن ۾ سنڌ جي عوام کي ڪو فائدو نه ڏنو سنڌ تباه آهي جنهن جي زميوار پيپلزپارٽي آهي هن چيو ته اسان کي چار سال ڪراچي حڪومت رهياسين ته اسان شهر قائد ڪراچي جي عوام لا۽ سهولتون پيدا ڪيون پر جيڪو ڪم ايم ڪيو ايم چار سالن ۾ ڪيو ايترو ڪم پيپلزپارٽي پنڌرنهن سالن ۾ ناهي ڪيو سنڌ جون اسپتالون تباه سنڌ جا اسڪول تباه سنڌ جون زرخيز زمينون تباه آهن پيپلزپارٽي چئيرمين بلاول ڀٽو چئي ٿو حڪومت ملي ته ملڪ جي ٻين صوبن کي سنڌ جهڙي ترقي ڏياريندس جيڪا شرم جوڳي ڳالھ آهي ايم ڪيو ايم ڪنوينر چيو ته سنڌ تي قابض پيپلزپارٽي سنڌ ۾ وڏي تباهي آندي آهي جنهن سبب سنڌ جو ماڻهون تنگ ۽ بيزار آهي هن چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ پهرين کان وڌيڪ طاقتور پارٽي آهي سنڌ جي عوام اهو تاثر ڏنو ويندو آهي ته مهاجر سنڌ دشمن آهن جيڪي سنڌ تي قبضو ڪرڻ گهرن ٿا ايم ڪيو ايم سنڌ دشمن منصوبابند پارٽي آهي پر جڏهن پيپلزپارٽي کي سنڌ جڏهن حڪومت ٺاهڻ جو مطلب هوندو آهي ته مهاجرن جي قبرن تي گل کڻي پهچندا مهاجرن کي سڄڻ بڻائيو ويندو آهي پيپلزپارٽي سنڌي مهاجرن کي هميشه ويڙهايو آهي پر اهي اٽڪلون سازشون هاڻ نه هلنديون ايم ڪيو ايم جي پليٽ فارم تان سنڌ جي هر قوم جي مالڪي ڪبي سنڌ جون واڳون پيپلزپارٽي کان کسڻ جو تمام ويجهو پهچي چڪو آهي جلدي پيپلزپارٽي کي سنڌ مان نيڪالي ملندي ان موقعي تي شموليت تقريب ٺٽي جي زونل انچارج محمد عيسا جوکيو محفوظ علي سومرو عطامحمد جانوري عوامي پريس ڪلب ٺٽو جا سنئير ميمبر توڙي ليڊيز اڳواڻ ماروي سمون سيد بختاور شاه زيب النسا۽ زيبو اگيم ۽ ٺٽي مان پهتل سوين ماڻهون به شريڪ هئا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪراچي ملير جون قومي سياسي ڌريون ۽ سندن مخالف ڌر جو ڪردار?
20th Feb 2026
•
سندھ
خيرپور میں ایک ماہ قبل پراسرار طور لاپتا نوجوان کی ٹکڑوں میں لاش مل گئی
20th Feb 2026
•
سندھ
نوشہرو فیروز میں نوجوان نے مبینہ طور پر خودکشی کر لی
20th Feb 2026
•
سندھ
کراچی میں ڈکیتوں کی فائرنگ سے بہرام کا نوجوان جاں بحق
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ڀرسان پوليس موبائيل حادثي جو شڪار، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: منزل پمپ اسٽاپ وٽ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
MQM pakistan
mustafa kamal
farooq sattar
0 تبصرے