شڪارپور ۾ جماعت اسلامي جي وفد جي آءِ جي سنڌ راجا رفعت مختار سان ملاقات

شڪارپور ۾ جماعت اسلامي جي وفد جي آءِ جي سنڌ راجا رفعت مختار سان ملاقات

شڪارپور ۾ جماعت اسلامي جي وفد جي آءِ جي سنڌ راجا رفعت مختار سان ملاقات

شڪارپور (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا حزب الله جکرو جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي جي وفد آءِ جي سنڌ راجه رفعت مختار سان ايس ايس پي آفس شڪارپور ۾ ملاقات ڪئي، وفد سنڌ ۾ امن امان جي خراب صورتحال خاص طور تي اپر سنڌ جي ڪشمور،جيڪب آباد ۽ شڪارپور ضلعن ۾ ڀُنگ لاءِ اغوا، چوري، ڦُرلُٽ جي وڌندڙ وارداتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڏينهن ڏٺي جو دليري سان ڦُرلُٽ ۽ اغوا جي وارداتن عام شهرين جو سڪون برباد ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي ڪري عام ڪاروهنوار ٺپ ٿي چڪو. اڳواڻن زور ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ ناسور بڻيل قبيلائي جهيڙن، پوليس ۾ سفارش ۽ ڪرپشن جو خاتمو ڪري ميرٽ تي ايماندار آفيسر مقرر ڪيا وڃن، پوليس کي ڏوهارين خاص طور تي ڪچي توڙي پڪي ۾ موجود ڌاڙيلن خلاف مقابلي لاءِ جديد هٿيار ڏنا وڃن ۽ محڪمي ۾ موجود ڪارين رڍن جو سخت احتساب ڪري پوليس کي ڪرپٽ ماڻهن کان پاڪ ڪيو وڃي. ڪچي ۽ پڪي ۾ موجود ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين خلاف بي رحم آپريشن ڪري سنڌ ۾ امن امان جي قيام کي يقيني بڻايو وڃي. وفد ۾ ايڊوڪيٽ اصغر پهوڙ، سجاد الله ڀٽو سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. آءِ جي سنڌ ڪجهه ڏينهن اڳ جماعت اسلامي جي صوبائي نائب امير حافظ نصرالله چنا کان خانپور ۾ ڦُر جي واردات تي افسوس جو اظهار ڪندي ان واقعي ۾ ڦريل سامان ايس ايس پي آفيس ۾ واپس ڪرائي ورتو.#