ڀريا روڊ جي ڳوٺ نبي بخش راڄپر واسين جو احتجاج

ڀريا روڊ جي ڳوٺ نبي بخش راڄپر واسين جو احتجاج

ڀريا روڊ جي ڳوٺ نبي بخش راڄپر واسين جو احتجاج

نوشھروفيروز(ڊ ر) ڀرياروڊ ڀرسان ڳوٺ نبي بخش راڄپر جي رهواسين پاران نوجوان کي زخمي ڪندڙ جا مک جوابدار گرفتار نه ٿيڻ ۽ ڀرياروڊ پوليس جي زيادتين خلاف پريس ڪلب نوشھروفيروز آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ مظاهري جي اڳواڻي سڄڻ راڄپر۔ ڪاشف۔ مولا بخش مظهر راڄپر ڪري رهيا هئا۔ ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن صحافين کي ٻڌايو ته هڪ سال اڳ جوابدارن احسان۔ صدام۔ ۽ ميان بخش اسان جي نوجوان راشد علي کي موٽرسائيڪل جي ڦر دوران مزاحمت تي گوليون هڻي کين مرڻينگ ڪري ڇڏيو جيڪو هن وقت به مختلف اسپتالن ۾ زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آھي۔ جڏهن ته ايترو عرصو گذرڻ باوجود ڀرياروڊ پوليس مک جوابدار ۽ علائقي جي وڏي ڏوهاري ميان بخش راڄپر کي گرفتار ناهي ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته هو تر جي ڀوتارن جو ونگارو آھي۔ هنن چيو ته جوابدار سرعام گهمندي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي۔ اسان هر جڳه تي احتجاج ڪري تڪجي پيا آھيون پر هن مهل تائين انصاف ناهي ملي سگهيو۔ هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوجوان کي زخمي ڪندڙ مک جوابدار کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو۔