نوشھروفيروز ۾ سي آءِ اي پوليس جي ڪارروائي، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ چورو ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ

نوشھروفيروز ۾ سي آءِ اي پوليس جي ڪارروائي، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ چورو ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ

نوشھروفيروز ۾ سي آءِ اي پوليس جي ڪارروائي، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ چورو ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ

نوشهروفيروز (ڊ ر) سي آئي اي پوليس جي وڏي ڪارروائي ڪندي گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سوپارين جو پائوڊر ھٿ ڪري ورتو آھي. پوليس پنجاب کان حيدرآباد ويندڙ ٽرڪ تي نوشهروفيروز ڀرسان ڇاپو ھنيو ۽ ان مان ڏيڍ سئو ڪٽا پائوڊر ھٿ ڪيو ويو. پائوڊر ٽرڪ اندر گاھ جي ڪٽن ۾ لڪايا ويا ھئا. جڏھن پوليس اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدار نصير، وقاص ۽ شيراز کي گرفتار ڪيو آھي ۽ جوابدارن جو تعلق پنجاب سان آھي. سي آئي اي پوليس جي انچارج زاھد ڪمبايو موجب ھٿ آيل پائوڊر جي ماليت ڏيڍ ڪروڙ کان وڌيڪ آھي. ٻئي پاسي جوابدارن خلاف نوشهروفيروز ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي