08فيبروري جو ڏهاڙو عوام جي امتحان جو ڏينهن آهي: محمد حسين محنتي

08فيبروري جو ڏهاڙو عوام جي امتحان جو ڏينهن آهي: محمد حسين محنتي

08فيبروري جو ڏهاڙو عوام جي امتحان جو ڏينهن آهي: محمد حسين محنتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻو ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته 08 فيبروري تي رٿيل عام چونڊ عوام جي امتحان جو ڏينهن آهي، هوءَ قرضن ۾ جڪڙيل ملڪ ۽ غلام قيادت ٿا چاهين يا خوشحال پاڪستان ۽ خوددار قيادت، ڪرپٽ ۽ نااهل قيادت جي ڪري اڄ پاڪستان 80 هزار ارب رپين جو قرضي ۽ عوام غربت، بُک بدحالي ۽ مهانگائي سميت بي شمار مسئلن ۾ جڪڙيل جڏهن ته پاڪستان جو هر شهري اڍائي لک رپين جو قرضدار آهي. جماعت اسلامي ملڪي نظام ۽ قيادت جي تبديلي لاءِ جاکوڙ ڪري رهي آهي ته جيئن ملڪ ترقي ۽ عوام جي دردن جو درمان ٿي سگهي، عوام 08 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن ۾ قومي مفاد ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن جي مستقبل خاطر ديانتدار قيادت جي چونڊ ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻي ۾ جماعت اسلامي پاران مقامي هال ۾ رٿيل ورڪرز ڪنونشن کي خطاب ڪندي ڪيو. صوبائي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سيعد شيخ، ضلعي امير قاري ابو زبير جکرو ۽ مقامي امير رميز راجا شيخ پڻ خطاب ڪيو. ورڪرز ڪنونشن ۾ هر سطح جي ذميدارن، ڪارڪنن سميت برادر تنظيمن جي ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي لاڙڪاڻي مان قومي اسيمبلي جي تڪ تي غلام حيدر ڪورائي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ ايڊوڪيٽ نادر علي کوسو ۽ علي گل چانڊيو کي بطور نامزد اُميدوار اعلان ڪيو ويو. صوبائي امير ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊن جي تاريخ کي اڳتي وڌائڻ وارين ڳالهين کي عدليه ۽ دستور جي توهين قرار ڏيندي چيو ته چونڊن ۾ وڌيڪ دير ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ ڪونه آهي، پ پ سنڌ ۾ 15 سال اقتدار ۾ رهي، پر صوبي جي ترقي ۽ عوامي مسئلا حل ڪرڻ بدران ڪرپشن ۽ ڦُرلُٽ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪيو ايسيتائين جو لاڙڪاڻي ۽ نواب شاه جهڙن شهرن کي به مثالي شهر ڪونه بڻائي سگهي. اڄ هر پاسي ظلم جو نظام آهي، انصاف وڪامجي ٿو جڏهن ته پوليس ۽ عدالتون ڪرپٽ ترين ادارن ۾ شامل ٿي چڪيون آهن انڪري 08 فيبروري تي عام چونڊن جو ڏهاڙو عوام جو امتحان آهي ته هوءَ سچي ۽ ڪوڙي ۾ فرق ڪري ملڪ کي بحرانن کان نجات ڏيارين. محمد حسين محنتي ڪارڪنن تي زور ڀريو ته هوءِ ايندڙن چونڊن جي تياري ۽ گهر گهر رابطي جي مُهم شروع ڪن.#