English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشھروفيروز ۾ خوراڪ کاتي جي ڪڻڪ ۾ گوٻين خلاف آبادگارن ۽ سياسي سماجي ڌرين جو احتجاج
220 views
|
06th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز ۾ خوراڪ کاتي جي ڪڻڪ ۾ گوٻين خلاف آبادگارن ۽ سياسي سماجي ڌرين جو احتجاج
نوشهروفيروز( ڊ ر) خوراڪ کاتي نوشهروفيروزجي 7گودامن 40 سينٽرن تان 60 هزار ٻوريون ڪڻڪ وڪرو ڪندڙ 5 فوڊ انسپيڪٽرن خلاف ڪاروائي نه ٿئي ڪڻڪ جي ڇٽ جي سيزن ايندي روزانو فوڊ انسپيڪٽر سوين ٻوريون وڪرو ڪرڻ لڳا جنهن ڪري اٽاچڪي مالڪن کي به ڪوٽا نه ملي آبادگارن ۽ سياسي سماجي ڌرين جو احتجاج کين هٽائڻ جو مطالبو خبر موجب نوشهروفيروز جي آبادگارن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن سعيدعلي خاصخيلي، محمود ٽڳڙ.علي شيرسيال.گلبهارمري.وزيرانڙ.محمد موسيٰ سولنگي.نويداڄڻ .ڌڻي بخش سمون ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ نعري بازي ڪندي اڳواڻي ڪندڙن چيو ته خوراڪ کاتي پاران ضلعي جي 7 گودامن ۽ 40 خريداري سينٽرن تي صرف 5 فوڊ انسپيڪٽرن شوڪت اقبال آرائين، نبي بخش لغاري، غلام مرتضيٰ انڙ، بابر علي راڄپر، امداد حسين مگسي کي چارجون ڏئي نااهلي جو انوکو مثال قائم ڪيو ويو آهي جن نوشهروفيروز ضلعي جي مختلف گودامن ۽ سينٽرن تان تقريبن 60 کان 65 ھزار ٻوريون غائب ڪيون آهن.۽ هن وقت به موجوده ڊي ايف سي سيد قمبر علي شاهه انسپيڪٽر شوڪت اقبال آرائين جنهن وٽ 2 گودام نوشهروفيروز، ڪنڊيارو ۽ سينٽر خانواهڻ، لاکاروڊ، بدڪ، محبت ديرو، نبي بخش لغاري وٽ محرابپور،ڀريا روڊ ۽ ڀريا سٽي تعلقي جا اڌ خريداري سينٽرغلام مرتضيٰ انڙ وٽ درٻيلو ،دليپوٽا، مڃٺ، لاڙڪ، ٺاروشاه بابر راڄپر وٽ پڊعيدن، پيرصادق،ملهارراڄپر،وي ايس بڙدي ، چيهو ۽ امداد حسين مگسي وٽ مورو ، نوان جتوئي سميت تعلقي جا سمورا خريداري سينٽر ان وٽ آهن جيڪي ڊي ايف سي فوڊ سيد قمبرعلي شاهه سان ملي فوڊ انسپيڪٽرن شوڪت آرائين . نبي بخش لغاري، غلام مرتضيٰ انڙ، بابر علي راڄپر، امداد حسين مگسي وڌيڪ روزانو گدامن ۽ سينٽرن تان ڪڻڪ جي ڇٽ واري سيزن شروع ٿيندي سوين ٻوريون واپارين کي وڪرو ڪري رهيا آهن جنهن ڪري ڊي ايف سي سيد قمبرعلي شاهه ۽ مٿيان فوڊ انسپيڪٽر اٽا چڪي مالڪن کي ڪوٽا تحت ڪڻڪ ڏيڻ جي لاءِ تيار ناهن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز
خوراڪ کاتي نوشهروفيروز
ڪڻڪ وڪرو
فوڊ انسپيڪٽر سوين ٻوريون
Food
0 تبصرے