English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي سنڌي وسندي مان مبينا اغوا ٿيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج
64 views
|
05th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ڪراچي جي سنڌي وسندي مان مبينا اغوا ٿيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج
گڏاپ (محمد علي خاصخيلي )ڪراچي جي قديم سنڌي وسندي صيفل شورو ڳوٺ مان الڪرم فيڪٽري ۾ ٺيڪيداري طور ڪم ڪندڙ نوجوان پنھنجي ئي گھر ٻاھران اڻڃاتل ھٿياربندن ھٿان شديد فائرنگ بعد اغوا. پنج ڏينهن گذرڻ باوجود نوجوان جو پتو نه پئجي سگهيو. وارثن پاران سائيٽ سپر ھاء وي ٿاڻي سميت پوليس جي اختيارن کي درخواست ڏيڻ باوجود ڪوبه کڙتيل نه نڪتو. وارثن ۽ سندس گھر واري جو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج. شاھد جت الڪرم فيڪٽري ۾ ٺيڪيداري ڪندو ھيو. ڪمپني مٿان سندس جا ٻياسي لک نڪرڻ تي کينس مختلف وقتن تي ڌمڪايو ويندو ھيو اسان کي شڪ آهي ته ڪمپني جي مالڪن کينس اغوا ڪرايو آھي. ريشمان شاھد جت. تفصيل موجب. سھراب ڳوٺ ٽائون يوسي پنج جي قديم سنڌي وسندي صيفل شورو ڳوٺ جو رھواسي شاھد جت پھرين ڊسمبر جي رات جو دير سان تقريبن ساڍي يارھين کان ٻارنهن جي ٽائيم دوران نامعلوم ھٿياربندن ھٿان فائرنگ بعد اغوا ٿيڻ تي وارثن پاران گھر واري ريشمان شاھد جت. فداحسين جت. شبير احمد جت. منير احمد جت. معصوم شفا خاتون. مقدس. مشاھد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو نوجوان شاھد جت ارڙھن سالن کان الڪرم ٽيڪسٽائل فيڪٽري ۾ ٺيڪيداري طور ڪم ڪندو ھيو. جنھن جا فيڪٽري انتظاميا ڏي مختلف وقتن تي رھيل پئسا وڌي ٻياسي لک روپيه ٿي ويا. جيڪي پئسا گھرڻ تي الڪرم ٽيڪسٽائل مل جي مالڪن خرم. طارق. فيصل. فرخ الدين. عدنان ۽ ٻہ نامعلوم ماڻھن پاران اسان جي نوجوان شاھد کي پئسا گھرڻ تي موتمار ڌمڪيون پڻ ڏيندا ھيا. جنھن جي نشاندهي اسان جي نوجوان شاھد جت 24 نومبر تي سوشل ميڊيا اڪائونٽ فيس بڪ ۽ پنھنجي ٽڪ ٽاڪ آء ڊي تي پڻ ويڊيو ريڪارڊ ڪري رکيون ھيون. جنھن کانپوءِ الڪرم ٽيڪسٽائل فيڪٽري جي مالڪن پاران شاھد جت جا فيڪٽري اندر اچڻ جا دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ کينس مختلف اڻ سڃاتل نمبرن تان ڪال ڪري کينس پئسا واري ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاء موتمار ڌمڪيون پڻ ڏيندا ھيا. ھنن چيو ته آخر الڪرم فيڪٽري انتظاميا پنھنجي ھٿياربندن گنڊن کي پھرين ڊسمبر جي رات جو ساڍي يارهين وڳي بجلي وڃڻ دوران اسان جي گھر جي دروازي تي موڪليو. ھٿياربندن پاران اسان جي گھٽي موجود ٻين گھرن ٻاھران ڪنڊا بند ڪري اسان جي گھر جو درکڙڪايو جنھن دوران شاھد جت ٻاھر نڪتو ته اسان جي به گھر ٻاھران ڪنڊي ڏئي نوجوان کي تشدد ڪيو جنھن دوران شاھد جت جي مزاحمت تي اڻڃاتل ھٿياربندن فائرنگ ڪئي جيڪا گولي اسان جي دروازي کي پڻ لڳي ۽ نوجوان جي منھن تي ڪپڙو ڏئي کينس زبردستي پاڻ سان گڏ کڻي ويا. اسان انھي ئي وقت پوليس 15 تي اطلاع ڪيو پر پوليس پنھنجي روايتي سستي کي برقرار رکندي ڏيڍ ڪلاڪ دير سان پھتي ۽ نتيجن ھٿياربندن اسان جي ھمراھ کي کڻي فرار ٿي ويا. اسان کي پورو يقين آهي ته اسان نوجوانن کي الڪرم ٽيڪسٽائل فيڪٽري جي مالڪن پئسا گھرڻ جي عيوض کنڀرائي گم ڪيو آھي. ھنن چيو ته اسان جي نوجوان کي جان جو خطرو آهي شاھد جت کي آزاد ڪرائي سندس زندگي بچائي وڃي. ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوجوان شاھد جت کي فوري آزاد ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گڏاپ
ڪراچي جي قديم سنڌي وسندي
صيفل شورو ڳوٺ مان
0 تبصرے