نوشھروفيروز ۾ فوڊ کاتي جي ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪارروائي لاءِ احتجاجي مظاھرو

نوشھروفيروز ۾ فوڊ کاتي جي ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪارروائي لاءِ احتجاجي مظاھرو

نوشھروفيروز ۾ فوڊ کاتي جي ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪارروائي لاءِ احتجاجي مظاھرو

نوشهروفيروز( ڊ ر) نيب پاران ضلعي نوشھروفيروز ۾ قائم 7 گودامن ۽ 40 خريداري سينٽرن تان ڪڻڪ ۾ خرد برد واري جاچ مڪمل ٿيڻ باوجود به ملوث فوڊ انسپيڪٽرن خلاف ڪارروائي نه ٿي ڊي ايف سي فوڊ سيد قمبرعلي شاهه مٿان 5 فوڊ انسپيڪٽرن شوڪت آرائين . نبي بخش لغاري، غلام مرتضيٰ انڙ، بابر علي راڄپر، امداد حسين مگسي سان ملي روزانو گدامن ۽ سينٽرن تان سوين ٻوريون واپارين کي وڪرو ڪرڻ جو الزام آبادگارن ۽ سياسي سماجي ڌرين جو احتجاج نگران وڏي وزيرکان ڪاروائي جو مطالبو خبر موجب نوشهروفيروز جي آبادگارن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن سعيدعلي خاصخيلي، محمود ٽڳڙ.علي شيرسيال. گلبهارمري. وزيرانڙ. محمد موسيٰ سولنگي. نويداڄڻ . ڌڻي بخش سمون ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ نعري بازي ڪندي اڳواڻي ڪندڙن چيو ته خوراڪ کاتي پاران ضلعي جي 7 گودامن ۽ 40 خريداري سينٽرن تي صرف 5 فوڊ انسپيڪٽرن شوڪت اقبال آرائين، نبي بخش لغاري، غلام مرتضيٰ انڙ، بابر علي راڄپر، امداد حسين مگسي کي چارجون ڏئي نااهلي جو انوکو مثال قائم ڪيو ويو آهي جن نوشهروفيروز ضلعي جي مختلف گودامن ۽ سينٽرن تان تقريبن 60 کان 65 ھزار ٻوريون غائب ڪيون آهن.۽ هن وقت به موجوده ڊي ايف سي سيد قمبر علي شاهه انسپيڪٽر شوڪت اقبال آرائين جنهن وٽ 2 گودام نوشهروفيروز، ڪنڊيارو ۽ سينٽر خانواهڻ، لاکاروڊ، بدڪ، محبت ديرو، نبي بخش لغاري وٽ محرابپور،ڀريا روڊ ۽ ڀريا سٽي تعلقي جا اڌ خريداري سينٽرغلام مرتضيٰ انڙ وٽ درٻيلو ،دليپوٽا، مڃٺ، لاڙڪ، ٺاروشاه بابر راڄپر وٽ پڊعيدن، پيرصادق،ملهارراڄپر،وي ايس بڙدي ، چيهو ۽ امداد حسين مگسي وٽ مورو ، نوان جتوئي سميت تعلقي جا سمورا خريداري سينٽرهن وقت به آهن جيڪي اڃان به وڌيڪ سوين ٻوريون روزانو ڊي ايف سي فوڊ سيد قمبرعلي شاهه سان ملي وڪرو ڪري رهيا آهن جن جي خلاف قدم کنيو ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو