ٺٽو: درگاھ ستيون ويجھو شفقت حسين شاھھ شيرازي ۽ ٻين جي مان ۾ آجياڻو

ٺٽو: درگاھ ستيون ويجھو شفقت حسين شاھھ شيرازي ۽ ٻين جي مان ۾ آجياڻو

ٺٽو: درگاھ ستيون ويجھو شفقت حسين شاھھ شيرازي ۽ ٻين جي مان ۾ آجياڻو

ٺٽو(شفيق ڀٽي) درگاھ ستيون ويجھو 5 ميل موري ڀرسان ڳوٺ حاجي علي نواز جاکرو جي رھواسي حاجي علي نواز جاکرو پاران اڳوڻي ضلعي ناطم سيّد شفقت حسين شاھ شيرازي، سيّد احسان شاھ شيرازي، سيد اظھار شاه شيرازي ۽ سيد غلام حسن شاه شيرازي جي مان ۾ اجياڻو ڏنو ويو، جنھن ۾ جاکرا برادري جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي حاجي علي نواز جاکرو پاران آيل مھمانن جو مانائتو استقبال ڪري کين لونگين ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا، اجياڻي تقريب کي خطاب ڪندي سيد شفقت حسين شاھ شيرازي چيو تہ ھو جاکرا برادري جي معزز حجي علي نواز جاکرو جو شڪر گذار اھي، جنھن کيس ھيڏو سارو مان ڏنو اھي، سيد شفقت حسين شاھ شيرازي چيو تہ عوام ئي سندن طاقت جو سرچشمو اھي، عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ سڪون ملي ٿو، عوام جي بنا فرق جي خدمت آخري دم تائين جاري رھندي. عوام بہ سندن ھٿ مضبوط ڪري.