ٺٽي ۾ ڊي ايڇ او پاران ض:عي جي مختلف صحت مرڪزن ۽ اسپتالن جو دورو

ٺٽي ۾ ڊي ايڇ او پاران ض:عي جي مختلف صحت مرڪزن ۽ اسپتالن جو دورو

ٺٽي ۾ ڊي ايڇ او پاران ض:عي جي مختلف صحت مرڪزن ۽ اسپتالن جو دورو

ٺٽو ( محمد شفيق ڀٽي) ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر سيد صفدر علي شاهه ضلعي جي مختلف علائقن ، ٽرانزٽ و فڪسڊ پوائنٽس ، مختلف بنيادي و ديھي صحت مرڪزن ۽ اسپتالن جو اوچتو دورو ڪري ھلندڙ پوليو مهم جو جائزو ورتو - ھن فيلڊ ۾ موجود پوليو ٽيمن کي ھدايت ڪئي ته هو ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو وڃي ته پنج سالن کان گھٽ عمر جو ڪوبه ٻار پوليو جي ڦڙا پيارڻ کان ھر گز نه رھجي - ھن جن ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارا ويا ھئا انھن جي فنگر مارڪنگ پڻ چيڪ ڪئي ۽ پوليو ورڪرن کي سختي سان ھدايت ڪئي ته پوليو جا ڦڙا پيارڻ واري فنگر مارڪنگ انتھائي احتياط سان ڪيو وڃي ته جيئن مانيٽرنگ ٽيمن کي صحيح عدد و شمار ۽ نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ ڪابه پريشاني نه ٿئي - ھن پوليو ٽيمن کي بھتر ڪم ڪرڻ تي شاباس ڏيندي چيو ته ھو ھر ٻار کي پنهنجو ٻار سمجهي ھن مھم کي قومي فريضي طور انجام ڏنو وڃي ته جيئن ھن ملڪ کي پوليو جھڙي خطرناڪ بيماري کان پاڪ ڪري سگهجي - ان موقعي تي ھن والدين کي پڻ اپيل ڪئي ته پوليو مھم دوارن پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاء جا 2 ڦڙا ضرور پيارين ۽ سندس علائقن م ايندڙ پوليو ٽيمن سان مڪمل سهڪار ڪن ۽ ضلعي ٺٽي کي پوليو کان پاڪ ضلعو بڻائڻ م ھڪ ذميوار شھري جو ثبوت ڏيڻ سان گڏ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن - ياد رهي ته 27 نومبر کان شروع ٿيندڙ پوليو کان بچاء واري قومي مھم 3 ڊسمبر تائين جاري رهندي - ان دوران پنج سالن کان گھٽ عمر جي 2 لک 31 ھزار 993 ٻارن کي پوليو کان بچاء جا ڦڙا پيارڻ وارو حدف مقرر ڪيو ويو آهي - ان سلسلي م 58 ٽرانزٽ پوائنٽس ، 732 موبائيل ٽيمون ۽ 51 فڪسڊ پوائنٽس کان علاوه ضلعي جي مختلف بنيادي و ديھي صحت مرڪزن ۽ اسپتالن ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاء جا ڦڙا پيارڻ وارو قومي فريضو انجام ڏنو پيو وڃي –