English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جو عوام قدرتي وسيلن باوجود بک ۽ بدحالي جي ور چڙھيل آھي: محمد حسين محنتي
15 views
|
28th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو عوام قدرتي وسيلن باوجود بک ۽ بدحالي جي ور چڙھيل آھي: محمد حسين محنتي
ڪراچي/ خيرپور (رپورٽرز وٽان) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي سنڌ جي عوام تي زور ڏيندي چيو آهي ته هوءَ ظلم، ناانصافي کان نجات توڙي سنڌ جي خوشحالي ۽ پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ ايندڙ عام چونڊن ۾ قابل ۽ ديانتدار قيادت جي چونڊ ڪن، ڏيڍ سال گذري وڃڻ باوجود ٻوڏ متاثرين لاءِ ورلڊ بينڪ جي تعاون سان گهر تعمير ڪري ڏيڻ وارو واعدو پورو نه ڪرڻ پ پ حڪومت جي نااهلي ۽ ڪرپشن جو نتيجو آهي. جماعت اسلامي هر مشڪل گهڙي ۾ سنڌ جي عوام جي خدمت ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيرپور جي ڳوٺ ربنواز ۾ ٻوڏ متاثرين ۾ گهرن جي تعمير ۽ چاٻيون حوالي ڪرڻ واري ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته گذريل 15 سالن کان سنڌ ۾ لاڳيتو حڪومت دوران ڦُرلُٽ ڪرڻ کان پوءِ آزمايل ڀوتار، وڏيرا ۽ سرمائيدار هڪ ڀيرو ٻيهر عوام کي سبز باغ ڏيکاري ووٽ گهري رهيا آهن عوام بار بار آزمايل ماڻهن کي مسترد ۽ مخلص توڙي ديانتدار قيادت جي چونڊ ڪري ته جيئن سنڌ خوشحال ۽ سندن مسئلا حل ٿي سگهن.#
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Dec 2025
•
دنیا
آئس لینڈ دنیا کے سب سے محفوظ ممالک میں شامل، محفوظ ترین ممالک کی فہرست جاری
03rd Dec 2025
•
دنیا
بھارت میں لرزا خیز سانحہ: عورت نے حسد میں آکر اپنے ہی بیٹے سمیت 4 بچوں کی جان لے لی
03rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی پریس کلب کے ممبرز کے639 پلاٹس کا حصول بڑی کامیابی ہے،سہیل افضل خان
03rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی میں مشتعل افراد کا حملہ، انسداد تجاوزات کا ٹرک نذرِ آتش
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ استادن ۽ شاگردن پاران ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان سرگرميون جاري
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيو دي لائيوز فائونڊيشن طرفان معذورن جي عالمي ڏينهن تي تقريب
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ڀينس ڪالوني ۾ فائرنگ، ڦر واردات دوران 2ڄڻا مرڻينگ
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
گهارو واسي سماجي اڳواڻ جا بي آءِ ايس پي آفيس جي عملي تي ڪرپشن جا الزام
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
جماعت اسلامي سنڌ جي امير
ايم اين اي محمد حسين محنتي
ڪراچي/ خيرپور
0 تبصرے