English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پيپلز پارٽي 15 سالن ۾ سنڌ کي بک ۽ بدحالي کانسواءِ ڪجھ ناھي ڏنو: اياز لطيف پليجو
views
|
23rd Nov 2023
•
سنڌي خبرون
پيپلز پارٽي 15 سالن ۾ سنڌ کي بک ۽ بدحالي کانسواءِ ڪجھ ناھي ڏنو: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد (رپورٽر) واھي پانڌي جي سياسي سماجي اڳواڻن گل حسن برھماڻي آصف رستماڻي پنھنجن ساٿين سميت قومي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ آصف زرداري سوداگر آھن، ھن سنڌ جو ڪوئلو، گئس، ساحلي پٽي، ڪوھستان، ڪراچي سميت وڏن شھرن جون زمينون، ٻيٽ، ڪارونجھر، پاڻي ۽ ٻيا وسيلا وڪڻي ڇڏيا. پيپلز پارٽي 15 سالن جي حڪومت ۾ سنڌ کي بک ۽ بدحالي کانسواءِ ڪجھ ناھي ڏنو.اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان ۾ شامل وحدتن کي ڪڏهن بہ برابري وارا حق نہ مليا آهن. جمهوريت ۽ اڪثريت جي نالي ۾ ننڍن صوبن خاص طور سنڌ جو استحصال ڪيو ويو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڏيندڙ صوبا آهن پر اتي جي عوام سڀ کان بدحال زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. جتان تيل ۽ گئس نڪري ٿو، اتي جا ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جا لکين ماڻهو گئس جي بنيادي سهولت کان محروم آهن. پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي، روڊ ناهن، صحت جي سهولت ناهي، تعليم کان محروم رکيو ويو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام کي ترقي کان بلڪل محروم رکيو ويو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسين برابري واري جمهوريت چاهيون ٿا، جنهن ۾ برابري وارا حق هجن، وسيلن تي اختيار هجي، نوڪرين ۾ پورو حق ملي، صحت، تعليم ۽ بنيادي سهولتون ملن. افسوس آهي جو اسان وٽ بنيادي حق صرف امير طبقي جا مڃيا وڃن ٿا. غربت ۽ بدحالي پورھيت عوام جو مقدر بنايو ويو آھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
گهڻن صوبن واري رٿا سنڌ جي بقا ءَ سلامتيءَ وحدانيت ۽ وجود تي وار
20th Aug 2025
•
پاکستان
بینظیر بھٹو گریجویٹ اسکالرشپس آکسفورڈ میں بلوچستان کے طلبا کے لیے سنہری موقع
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
بانی پی ٹی آئی نے محمود اچکزئی کو قومی اسمبلی میں اپوزیشن لیڈر کیلئے نامزد کردیا
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
اورنگی ٹاؤن میں زوردار دھماکے سے سیاسی جماعت کا دفتر زمین بوس، 7 زخمی
22nd Aug 2025
•
سنڌي خبرون
وفاقي حڪومت اسٽيل مل جي پورهيتن جون رهتون ڏيڻ لاءِ 2 ارب 87 ڪروڙ رپيا جاري ڪري ڇڏيا
22nd Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ترقي جي نالي تي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضي جو منصوبو آھي: اياز لطيف پليجو
22nd Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت ۾ ٽائون ڪميٽي مٺياڻي ۾ اجلاس
22nd Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو پوليس جي ڪارروائي، ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
گل حسن برھماڻي آصف رستماڻي
قومي عوامي تحريڪ
پيپلزپارٽي ۽ آصف زرداري
اياز لطيف پليج
ayaz latif palejo
Qat
0 تبصرے